سانگهڙ/شھدادپور(رپورٽ غلام رسول ) صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو سمس اسپتال ۾ قائم ، ٻارن جي جديد علاج لاءِ قائم وارڊ۔۽ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو۔جلد سمس اسپتال کي سٽي اسڪين مشين۔۽ چيسٽ پين ڪلينڪ ڏني ويندي۔صوبائي وزيرسنڌ جي صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو شھدادپور ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ (سمس) اسپتال جو دورو ڪري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ اينڊ نيونيٽالاجي (SICHN) يونٽ ۾ نون ڄاول ٻارن جي انتهائي نگھداشت واري وارڊ (NICU) ۽ جنرل پيڊيٽريڪس وارڊ ۽ سمس اسپتال ۾ قائم ڪيل جديد ليبارٽري جو افتتاح ڪيو.ٻارن جي علاج لاءِ جديد طبي سھولتن سان آراسته شعبن جي قيام سان شھدادپور سميت ضلعي سانگھڙ جي عوام کي نون ڄاول ٻارن ۽ ٻين ٻارن جي بھتر علاج جون سھولتون ميسر ٿي سگھند يون.افتتاحي تقريب دوران صوبائي وزير صحت وڌيڪ چيو ته سمس اسپتال ۾ چيسٽ پين ڪلينڪ ٺاهي وئي آهي جيڪو بهتر عمل آهي پر هن کي وڌيڪ جديد بنائڻ لاء اين آءِ سي وي ڊي سان ڳنڍيو ويندو۔باقي اين آءِ سي وي ڊي سينٽر جي قيام لاءِ وڏي بجيٽ گهربل هوندي آهي، ان ڪري في الحال اهو منصوبو شروع نٿو ڪري سگهجي.هن چيو ته شھدادپور ۾ چيسٽ پين ڪلينڪ کي وارڊ قائم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪريون ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته سمس اسپتال جي ليبارٽري ڏسي تمام خوشي ٿي هن سان عوام کي وڌيڪ سهولت ملندي۔خراب پيل سٽي اسڪين مشين کي جلد تيار ڪرايو ويندو۔۽ موجوده اسپتالن جي وارڊن کي پڻ اپ گريڊ ڪري صحت جون سهولتون وڌيڪ بهتر بڻايون وينديون. ان موقعي تي ايم پي اي شاھد عبدالسلام ٿھيم،ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن غلام قادر خان ٽالپور، ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ عمران الحسن خواجا، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ڪئير سيد جمال رضا شا ،ڊائريڪٽرسمس۔ڊاڪٽربشيراحمد جمالي۔چيئرمين ضلعي ڪائونسل سانگھڙ رياض حسين شاھ خراساني، ڊويزنل جنرل سيڪريٽريجاويد ناياب لغاري سميت تعلقه شھدادپور جي سياسي، سماجي ۽ سرڪاري شخصيتن شرڪت ڪئي.
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو سمس اسپتال ۾ قائم ، ٻارن جي جديد علاج لاءِ قائم وارڊ۔۽ ليبارٽري جو افتتاح ڪيو۔
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
