ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ ڀرسان گوٺ ارباب خاصخيلي جي رهواسين محمد عثمان خاصخيلي، نصرالله خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ڳوٺ ۾آيل اسڪيم تعمير ٿيل سي سي روڊ بابت غلط پروپئگنڊو ڪري رهيا آهن ۽ چون ٿا ته اهو روڊ سماجي اڳواڻ مھراڻ پنھور جي ڪوششن سان تعمير نه ٿيو آهي.
رهواسين جو چوڻ هو ته اسان فخر سان چئون ٿا ته اڄ به سماجي اڳواڻ مھراڻ پنھور جا ٿورائتا آهيون، جن جي ڪوششن، محنت ۽ سچائي سان گوٺ ارباب خاصخيلي لاءِ اسڪيم سي سي روڊ منظور ۽ تعمير ڪرايو ويو، جنهن سبب ڳوٺاڻن کي اچ وڃ جي سهولت فراهم ٿي آهي.
هنن چيو ته جيڪي ماڻهو روڊ جي تعمير بابت بي بنياد ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن جي ڳالهين سان اسان کي ڪو فرق نٿو پوي، ڇو ته اسان پنهنجي اکين سان روڊ جي تعمير ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ سهولت ڏسي رهيا آهيون.
ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته گوٺ ارباب خاصخيلي جا رهواسي الحمدلله مھراڻ پنھور سان گڏ آهن ۽ سندس ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هنن اميد ظاهر ڪئي ته علائقي جي ترقي ۽ عوامي سهولتن لاءِ اهڙيون ڪوششون مستقبل ۾ پڻ جاري رهنديون.
ميرپورخاص: ڳوٺاڻن پاران سي سي روڊ بابت پروپيگنڊا خلاف احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
