ٽنڊوڄام(محبوب حسين بوزدار) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي تحقيق کي جديد بڻائڻ لاءِ مڪمل خودڪار نظام سان ليس سمارٽ نرسري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي موسم جي شدت ۽ موسمي حدن کانسواءِ سڄو سال مختلف فصلن جي پنيڙي تيار ڪرڻ ۽ تحقيقي تجربا ڪرڻ ممڪن ٿيندا. نرسريءَ جو افتتاح وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪيو، يونيورسٽي ترجمان موجب، هيءَ نرسري سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايس ايڇ اي سي) جي سهڪار سان هلندڙ منصوبي ”سولينيشيئس اسمارٽ نرسري پروڊڪشن: هڪ جديد طريقو، موسمياتي تبديلين جو حل“ تحت قائم ڪئي وئي آهي، نرسريءَ ۾ جديد آءِ او ٽي ٽيڪنالاجي ذريعي روشنيءَ جا وقت، آبپاشي، مٽيءَ ۾ گهم، گرمي پد، هوا ۾ نمي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار کي خودڪار طريقي سان ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪلائوڊ ٽيڪنالاجي وسيلي پري کان به نگراني ۽ انتظام ڪري سگهجي ٿو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته موسمياتي تبديليون روايتي زراعت لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪيون آهن، تنهنڪري جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل تحقيقي سهولتن جو قيام ضروري آهي. هن چيو ته اسمارٽ نرسري موسمياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي تحقيق جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن محدود مالي وسيلن ۾ اعليٰ معيار جي سهولت قائم ڪرڻ تي منصوبي جي ٽيم جي واکاڻ ڪئي، فئڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته هن نرسريءَ ۾ اهڙن فصلن جي پنيڙي به تيار ڪري سگهبي، جيڪي سخت موسمي حالتن ۾ کليل ماحول ۾ بهتر واڌ ويجهه نٿا ڪري سگهن، منصوبي جي مک محقق پروفيسر ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو ٻڌايو ته نرسريءَ سبب تحقيق جون موسمي رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن ۽ هاڻي استاد ۽ شاگرد سڄو سال مختلف فصلن تي تجربا ڪري سگهندا. هن چيو ته هارٽيڪلچر شعبي جا ٻه ايم ايس سي شاگرد هتان پنهنجي تحقيق مڪمل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته وڌيڪ چار شاگرد تحقيق ڪري رهيا آهن، نرسريءَ جي خودڪار نظام جي تياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پروفيسر ڊاڪٽر محمد بچل ڀٽو ٻڌايو ته سينسرز ۽ ڊولپمينٽ بورڊ چين مان گهرايا ويا، پر پروگرامنگ ۽ خودڪار نظام جي مڪمل فني جوڙجڪ مقامي سطح تي تيار ڪئي وئي، جنهن سان خرچ گهٽائڻ سان گڏ مقامي فني مهارت کي پڻ هٿي ملي آهي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته هيءَ سهولت شاگردن کي اسمارٽ زراعت ۾ ڪاروباري منصوبا شروع ڪرڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، تقريب ۾ ڊين فئڪلٽي آف ڪراپ پرو ٽيڪشن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر صبا عنبرين ميمڻ، پروفيسر الله وڌايو گنداهي، ڊاڪٽر اعجاز علي سومرو ۽ رجسٽرار غلام محي الدين قريشي سميت استادن، آفيسرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي، تقريب جي پڄاڻيءَ تي وائيس چانسلر منصوبي جي تڪميل تي پروفيسر ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻي، خودڪار نظام تيار ڪرڻ تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد بچل ڀٽو ۽ سهڪار ۽ رهنمائي ڪرڻ تي پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر کي مڃتا شيلڊون ڏنيون.
سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ جديد سمارٽ نرسري قائم، سڄو سال فصلن تي تحقيق ممڪن بڻجي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
