• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سيوريج لائن وڇائڻ جو ڪم باقاعده طور شروع ڪيو ويو آهي،ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سيوريج لائن وڇائڻ جو ڪم باقاعده طور شروع ڪيو ويو آهي،ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي

admin
Last updated: October 8, 2026 4:20 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي (ذوالفقار)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي يونين ڪميٽي 01 جي علائقي حاجي محمود ڳوٺ جي رهواسين کي درپيش سيوريج جي پراڻي مسئلي جي حل ڏانهن اهم عملي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي جي خاص توجهه ۽ ڪوششن سان سيوريج لائن وڇائڻ جو ڪم باقاعده طور شروع ڪيو ويو آهي.ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي حاجي محمود ڳوٺ پهچي سيوريج لائن وڇائڻ جي جاري ڪم جو تفصيلي معائنو ڪيو. هن موقعي تي موجود لاڳاپيل آفيسرن ۽ انجنيئرنگ عملي کان منصوبي جي اڳڀرائي، فني معاملن ۽ ڪم جي معيار بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪم مقرر ڪيل فني معيار موجب تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي، جيئن علائقي جي رهواسين کي بنا دير نيڪالِ آب جي بهتر سهولت فراهم ٿي سگهي.ان موقعي تي اي اي اي آفاق عالم، سب انجنيئر جنيد صديقي، علائقي جا معزز ماڻهو، پاڪستان پيپلز پارٽي جا مقامي اڳواڻ ۽ علائقي جا رهواسي پڻ موجود هئا.حاجي نواز علي بروهي جي حاجي محمود ڳوٺ آمد تي علائقي جي رهواسين پاران سندس پرتپاک استقبال ڪيو ويو. علائقي جي رهواسين سنڌ جي روايتي ثقافت موجب کيس اجرڪ پارائي ۽ سيوريج جي پراڻي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ تي سندس ٿورا مڃيا.ان موقعي تي علائقي جي رهواسين چيو ته حاجي محمود ڳوٺ ۾ سيوريج جو مسئلو ڊگهي عرصي کان شهرين لاءِ سخت پريشاني جو سبب بڻيل هو، جنهن سبب برساتن ۽ روزمره جي معمولات دوران مسئلا وڌيڪ وڌي ويندا هئا. هنن چيو ته سيوريج لائن وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيڻ علائقي جي هڪ اهم عوامي ضرورت جي پورائي آهي، جنهن سان شهرين کي درپيش مسئلن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ نيڪالِ آب جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.علائقي جي رهواسين ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي جا ٿورا مڃيندي چيو ته عوامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ بنيادي بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدمن جي شروعات هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي. علائقي جي رهواسين اميد ظاهر ڪئي ته سيوريج لائن جو منصوبو مقرر ڪيل معيار موجب جلد مڪمل ٿيڻ سان حاجي محمود ڳوٺ جي رهواسين کي ڊگهي عرصي کان هلندڙ مسئلي مان مستقل ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو.ان موقعي تي ٽائون چيئرمين حاجي نواز علي بروهي چيو ته شهرين کي بنيادي بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن پراڻن مسئلن جو ازالو ٽائون انتظاميه جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جاري سيوريج لائن جي ڪم ۾ معيار ۽ پائيداري کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبي جي تڪميل ۾ غير ضروري دير کان پاسو ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته منگھوپير ٽائون جي مختلف علائقن ۾ عوامي ضرورتن ۽ مقامي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي ۽ بلدياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا موثر طريقي سان ڪتب آندا پيا وڃن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article گونگا ۽ ٻوڙها تعليم يافته هئڻ سان گڏ هنرمند پڻ آهن ،اڳواڻن فدا حسين بڙدي
Next Article خاص ٻارڙن کي تعليم، تربيت ۽ فزيوٿراپي جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون: پرنسپال
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي جدوجهد، قرباني ۽ ثابت قدميءَ جو روشن مثال هيون: رئيس تاج محمد ڀرڳڙي ۽ خالد حسين خاصخيلي

ميرپورخاص: بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي صوبائي صدر رئيس تاج…

October 23, 2026

بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي جدوجهد، قرباني ۽ ثابت قدميءَ جو روشن مثال هيون: رئيس تاج محمد ڀرڳڙي ۽ خالد حسين خاصخيلي

ميرپورخاص: بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي…

October 23, 2026

نوشهروفيروز ويجهو ڀريا باء پاس وٽ تير رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي هڪ ڄڻو فوت هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيا

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ويجهو ڀريا باء پاس…

October 23, 2026

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ خانگي ڪمپنيءَ ۾ معاهدو، زرعي پيداوار مان ويليو ايڊڊ خوراڪي شيون تيار ڪري عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ تي اتفاق

ٽنڊوڄام (محبوب حسین بوزدار) سنڌ زرعي…

October 23, 2026

عوامي پريس ڪلب ڪنب جو ساليانو اجلاس صدر ناز سولنگي جي صدارت ۾ منعقد

ڪوٽ ڏيجي (رپورٽ ڪفايت علي ھاليپوٽو)…

October 23, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو ۾ ماهوار کليل ڪچهري، ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌي فوري حل لاءِ هدايتون جاري

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار علي جتوئي ): ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعليٰ دادو نصير احمد ناريجو ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر الطاف…

3 Min Read
پاڪستان

بدين  ڊپٽي ڪمشنربدين زارا زاهد ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو تفصيلي دورو

بدين( محفوظ شاھ)بدين  ڊپٽي ڪمشنربدين زارا زاهد ضلعي اطلاعات آفيس بدين جو تفصيلي دورو ڪري آفيس جي انتظامي معاملن، مجموعي…

2 Min Read
پاڪستان

ڪي پي ۾ ايمرجنسي جو مقصد معدني ذخيرن تي قبضو ۽ آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ رستو کولڻ آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخوا جي قبائلي…

1 Min Read
پاڪستان

چيف رپورٽر سنڌ “پاڪ سوچ” طرفان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو

ڪراچي: چيف رپورٽر سنڌ “پاڪ سوچ” درشن لال سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي منيجمينگ ڊائريڪٽر جناب گنھور علي لغاري سان سندس…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?