ڪرمپور(رپورٽ شبير احمد جعفري)پاڪستان بڙدي بليدي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ۽ معزز سياسي، سماجي شخصيت مير اقبال احمد خان بجاراڻي ڳوٺ شفيع محمد خان جعفري پهچي ڪوڪاري گينگ جي حملي ۾ شهيد ٿيل نوجوان شهمراد جعفري جي وارثن سان ملاقات ڪري دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيڻ جو يقين ڏياريوتفصيل موجب مير اقبال احمد خان بجاراڻي ڳوٺ شفيع محمد خان جعفري پهچي شهيد شهمراد جعفري جي وارثن علي گل خان جعفري، جانبيگ خان جعفري ۽ علي شير جعفري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن شهيد نوجوان جي المناڪ وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيومير اقبال احمد خان بجاراڻي چيو ته نوجوان شهمراد جعفري جو وڇوڙو نه رڳو سندس خاندان پر پوري علائقي لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي. ڪنهن به خاندان لاءِ پنهنجي نوجوان کي وڃائڻ انتهائي ڏکوئيندڙ لمحو هوندو آهي، جنهن جو درد لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. اسان هن ڏکئي وقت ۾ شهيد جي وارثن سان گڏ آهيون ۽ سندن ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهون ٿاهن وڌيڪ چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ شهيد جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مصيبت جي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ ئي انسانيت، ڀائيچاري ۽ اخلاقي ذميواري جو تقاضو آهي. هن وارثن کي يقين ڏياريو ته هو هر ممڪن طريقي سان سندن ڏک ۾ شريڪ رهندامير اقبال احمد خان بجاراڻي چيو ته علائقي ۾ امن، محبت، ڀائيچاري ۽ برداشت واري فضا قائم ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. انساني جانين جو زيان ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي. اسان سڀني کي گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، جتي ماڻهو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجي زندگي گذاري سگهنهن لاڳاپيل اختيارين کان به اميد ظاهر ڪئي ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، بيگناهه ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويندا، جيئن مستقبل ۾ اهڙا افسوسناڪ واقعا پيش نه اچن آخر ۾ مير اقبال احمد خان بجاراڻي دعا ڪئي ته الله پاڪ شهيد شهمراد جعفري کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سندس مغفرت فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي. آمين
پاڪستان بڙدي بليدي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ۽ معزز سياسي، سماجي شخصيت مير اقبال احمد خان بجاراڻي ڳوٺ شفيع محمد خان جعفري پهچي ڪوڪاري گينگ جي حملي ۾ شهيد ٿيل نوجوان شهمراد جعفري جي وارثن سان ملاقات ڪري دلي تعزيت جو اظهار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
