لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ سيد بچل شاهه ۾ درگاهه سيد مهدي شاهه بخاري جي گادي نشين مرحوم سيد نور علي شاهه جي چاليهي جي موقعي تي سندس ننڍي ڀاءُ سيد فضل حسين شاهه کي پڳ ٻڌائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ علائقي جي معزز، معتبر ۽ نامور شخصيتن حاجي شفقت حسين خان انڙ، بيرسٽر غلام محمد خان ٻگھيو، محمد خان سيال، ڪرنل (ر) نظير حسين جتوئي، بيرسٽر ڪاظم علي عباسي، حاصل خان اسراڻ، سليم رضا ابڙو، درويش صابر حسين ابڙو، سيد غلام باقر شاهه، سيد نعيم اختر شاهه، سيد امتياز حسين شاهه، سيد امجد حسين شاهه، سيد علي ڏنو شاهه، سيد عامر علي شاهه، سيد ياسر علي شاهه، سيد جيون شاهه، سيد ميهر علي شاهه، سيد محمد ڪميل شاهه ۽ سيد علي مصطفين خاص طور تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد فضل حسين شاهه کي سنڌ جي روايتي ۽ ثقافتي انداز ۾ پڳ ٻڌائي وئي. تقريب دوران سنڌ جي مهمان نوازي، محبت، عزت ۽ ڀائيچاري جا خوبصورت رنگ نظر آيا.شرڪت ڪندڙن پاران پڳ کي عزت، وقار، ذميواري، خانداني عظمت ۽ سماجي احترام جي علامت قرار ڏنو ويو. اهڙيون تقريبون سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ۽ خانداني روايتن کي برقرار رکڻ سان گڏ سماجي ڀائيچاري کي پڻ مضبوط بڻائين ٿيون. تقريب جي پڄاڻيءَ تي مرحوم سيد نور علي شاهه جي مغفرت، بلند درجات ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته سيد فضل حسين شاهه لاءِ عزت، صحت، ڪاميابي ۽ خوشحاليءَ جون نيڪ تمنائون ظاهر ڪيون ويون.
