لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي مارڪسسٽ لاڙڪاڻو پاران ادب شعبو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي سهڪار سان ڀٽائي ادبي حال ۾ سائنس جي دنيا جي وڏي نالي پروفيسر ڊاڪٽر پرويز هودڀائي جو مصنوعي ذهانت سائنسي انقلاب يا انسانيت لاءِ خطرو جي عنوان سان ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، پروگرام ۾ ڪامريڊ سينگار نوناري، ڊاڪٽر سڪندر مغل، ڪامريڊ عابده، اختر پيا، ڪمال جنبلات ۽ ٻين اعزاري مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر پرويز هودڀائي ليڪچر ڏيندي چيو ته اسان کي مصنوعي ذهانت جي هاڪاري استعمال طرف وڃڻ گھرجي، تعليمي نظام کي مصنوعي ذهانت جنهن تيز رفتاري سان تباهه ڪن پاسي وٺي وڃي رهي آهي ان کان بچڻ جي ضرورت آهي، هيئنر ئي ڏسو ته ريسرچ پيپر جڏهن اي آءِ جي مدد سان لکي ۽ ڇپرايو ويندو هجي ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي تعليم دشمني ٿيندي؟ خصوصن تعليمي نظام اندر مصنوعي ذهانت جي هاڪاري استعمال طرف سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي، سويڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن موبائل ۽ ڪمپيوٽر کي اسڪول کان پري رکيو آهي هو ٻارن جي تخيلقي صلاحيتن تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، دنيا کي هاڻي نئين سر تعليمي نظام کي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه جي لاءِ به تعليم کاتي کي مصنوعي ذهانت طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر پرويز هودڀائي وڌيڪ چيو ته اسان جي تعليمي نظام کي سيڪيولر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيسيتائين اسين تعليم نظام سائنسي نٿا بڻايون ۽ سائنس کي به اسلامي ڪري پيش ڪنداسين ته قطعي طور ترقي نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته هيئنر روبوٽ مشينن جو دور آهي، انهن جو هاڪاري استعمال انسان جي ترقي بلڪل ثابت ٿيندو پر ان جي ناڪاري اثرن کي به سمجهڻ ۽ ان جي حل جي ڪوشش وٺڻ جي ضرورت آهي، مثال جيئن ڏاند گاڏي جي ڀيٽ ۾ ڪار وڌيڪ تيز آهي پر ڪار جو دونهون جيڪو ماحوليات لاءِ نقصانڪار آهي ان کان بچاءَ جا حل ڳولهڻ گهرجن.
ادب شعبو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي سهڪار سان ڀٽائي ادبي حال ۾ سائنس جي دنيا جي وڏي نالي پروفيسر ڊاڪٽر پرويز هودڀائي جو مصنوعي ذهانت سائنسي انقلاب يا انسانيت لاءِ خطرو جي عنوان سان ليڪچر پروگرام ٿي گذريو،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
