سکر (رپور ٽ احمد علي) ضلعي سکر ۾ پوليو کان بچاءَ جي مهم 12 ڊسمبر کان 15 ڊسمبر 2026ع تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس هال ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان چيو ته پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن، يو سي ايم اوز ۽ صحت جي پارٽنرز ۽ ادارن کي پنهنجو ڪردار اثرائتي نموني ادا ڪرڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته مائيڪرو پلان کي گذريل مهم جي تجربن ۽ مسئلن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي به گڏيل حڪمت عملي ۾ لازمي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جڏهن ته صحت جا پارٽنرز نگراني سان گڏ عملي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته مهم دوران اسڪولن کي ڪوريج ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سمورن پهلوئن کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ جن يونين ڪائونسلن ۾ ڪارڪردگي گهٽ آهي، تن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. صوبائي سطح تي ٿيندڙ ڪارڪردگي جي اجلاسن ۾ ضلعي سکر جي بهتر نتيجن لاءِ سڀني آفيسرن ۽ لاڳاپيل عملي کي گڏجي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد علي گل شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 12 کان 15 ڊسمبر تائين هلندڙ پوليو مهم دوران ضلعي ۾ 3 لک 87 هزار 900 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ 1350 ٽيمون پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينديون. اجلاس جي پڄاڻي تي پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ، گذريل مهم دوران پيش آيل مسئلن جي حل، عملي جي تربيت، مائڪرو پلاننگ ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو.
ضلعي سکر ۾ پوليو کان بچاءَ جي مهم 12 ڊسمبر کان 15 ڊسمبر 2026ع تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس هال ۾ اجلاس
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
