ٽنڊوڄام(محبوب حسين بوزدار)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي،ٽنڊوڄام ۾ کليل مين هول معصوم ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ويو، 10 ورهين جي ارمان جو لاش هٿ،گهر۾ڪهرام، ٽنڊوڄام جي مير ڪالوني ۾ انتظاميا جي مبينا غفلت سبب کليل مين هول هڪ وڌيڪ معصوم ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ويو، 10 ورهين جو ارمان ولد نعمان ٻگهيو گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، سندس لاش چئن ڪلاڪن جي ڳولا کانپوءِ کليل مين هول مان هٿ ڪيو ويو، افسوسناڪ واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي جي فضا سوڳوار بڻجي وئي، مير ڪالوني جو رهواسي 10 ورهين جو معصوم ارمان ٻگهيو راند ڪرڻ لاءِ گهران نڪتو، پر ڪافي دير تائين واپس نه موٽڻ تي وارثن ۽ پاڙي وارن پاران سندس ڳولا شروع ڪئي وئي، لڳ ڀڳ چئن ڪلاڪن جي ڳولا کانپوءِ ٻار جو لاش کليل مين هول مان هٿ آيو، جنهن بعد وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ علائقي واسين ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي، هوڏانهن علائقي واسين الزام هنيو آهي ته ڪالوني ۾ کليل گٽرن ۽ مين هولن جي خطرناڪ صورتحال بابت لاڳاپيل انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو ويو هو، پر شڪايتن باوجود ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ معصوم ٻار جي قيمتي حياتي ضايع ٿي وئي، علائقي واسين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي، کليل مين هول فوري طور بند ڪرايا وڃن ۽ مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.
ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي، ٽنڊوڄام ۾ کليل مين هول معصوم ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
