لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي ۾لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي وٽرنري آفيسرن ۽ ملازمن ڊاڪٽر سعيد ميراڻي، ڊاڪٽر محمد حنيف سانگي، ڊاڪٽر سميع الله لغاري، ڊاڪٽر شڪيل، محمد مريد جوڻيجو، علي بخش ڀٽي، غلام شبير ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر منصور احمد جوڻيجو اداري لاءِ اڏوهي بڻيل آهي، جيڪو سرڪاري دوائون وڪرو ڪري آفيسرن، ملازمن توڙي کاتي کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي. هنن چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر جي نااهلي سبب ملازمن لاءِ آيل بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، اهڙو آواز اٿارڻ تي لاڙڪاڻي جي وٽرنري آفيسرن ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽس کي پنهنجي عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي کين ضلعي بدر ڪيو ويو آهي، جنهن سموري عمل ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سان ڊائريڪٽر جنرل لائيور اسٽاڪ پڻ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي، اهڙيون شڪايتون اسان ڊي جي لائيور اسٽاڪ سنڌ سان ڪيون آهن، پر ان باوجود هن وقت تائين ڪوبه تدارڪ ناهي ٿي سگهيو. هنن لاڳاپيل وس وارين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو منصور احمد جوڻيجو جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائڻ سان گڏ کيس عهدي تان هٽائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
اڙڪاڻي ۾لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
