هڪ ڀارتي سوشل ميڊيا صارف پوسٽ ۾ ٻڌايو ته سندس صحت جا مسئلا ٻڌائڻ باوجود باس کيس موڪل يا ڪنهن به قسم جي رليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
دفاتر ۾ بيماريءَ جي موڪل وٺڻ ڪا عام ڳالهه نه آهي ڇو ته صحت جو مسئلو سنگين ۽ اهم سمجهيو ويندو آهي، پر هڪ ڀارتي صارف ٻڌايو ته کيس ساهه وٺڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي، ان جي باوجود سندس باس کيس ڪم جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ جو احساس ڏياريو.
صارف ٻڌايو: “سچ پچ ڳالهائيان ته مان ساهه نه وٺي سگهيو هوس ۽ موڪل ۾ صرف 5 منٽ بچيا هئا، منهنجو ساٿي آيو ۽ چيو ته اسان کي ڊيڊ لائن ختم ڪرڻي آهي.”
سوشل ميڊيا صارف موجب هن پنهنجي ڪاليگ کي چيو ته “مون کي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي سخت ضرورت آهي”، جنهن تي هن ڳالهه ٻڌي ئي نه ۽ چيو، “باس کي ٻڌاءِ.”
ذڪر ڪيل شخص ٻڌايو ته جڏهن هن باس کي ٻڌايو ته باس چيو، “اسان وٽ وقت گهٽ آهي، آرام ڪر ۽ سڀاڻي صبح هن ڪم کي مڪمل ڪر.”
صارف چيو ته ڪڏهن ڪڏهن باس وساري ويهندا آهن ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو به انسان آهن.
