۽ ملڪ جو هر شهر پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ تهوار ملهائڻ لاءِ مڪمل آزاد آهي هو پاڪستان ڪيٿولڪ بشپس ڪانفرنس جي صدر ۽ ڪميش فار جسٽس اينڊ پيس جي چيئرمين بشپ سيمسن شُڪرالدين جي دفتر ۾ ٿيندڙ ڪرسمس ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو ڪمشنر عباسي وڌيڪ چيو ته انتظاميه شهرين جي بلا امتياز خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ اقليتن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ رابطي جو نظام وڌيڪ بهتر بنايو ويندو تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو چيو ته پوليس پاڪستان جي ٻين شهرين وانگر اقليتن کي پڻ بلاتفريق خدمتون مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته هن مسيح برادري سان گڏجاڻي ڪئي، جتي عبادتگاهن جي شيڊول موجب سهولتون مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي ڳالھ ٿي. انهي سلسلي ۾ سندن سامهون ايندڙ مسئلن جو فوري حل ڪرڻ سان گڏ مسيح ملازمن جي پينشن ۾ دير ۽ پگهارن جو معاملو پڻ حل ڪيو ويو آهي بشپ سيمسن شُڪرالدين ۽ ٻين مسيح اڳواڻن پنهنجن تقريرن ۾ چيو ته واسا ۾ ڪم ڪندڙ مسيح ملازمن جي تنخواهن جا مسئلا فوري حل ڪيا وڃن. انهن چيو ته ڪرسمس امن، محبت ۽ مذهبي ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو. تقريب ۾ مسيحي برادري جا معزز ماڻهو پڻ موجود هيا.
