علائقي جي گٽرن جو گندو پاڻي اوور فلو ٿي مسجد اندر داخل ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري نمازين کي عبادت ادا ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان کان علاوه گلي ۽ محلي ۾ هر طرف گندگي، بدبوءِ ۽ بيهڪ وارو پاڻي جمع ٿيڻ سبب رهواسين جي روزمرهه زندگي متاثر ٿي رهي آهي ۽ بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي.
علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل کاتي کي شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر اڃا تائين ڪو به مستقل حل نه ڪيو ويو آهي. گٽرن جي بندش سبب برسات نه هئڻ باوجود به پاڻي بيهڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سان ٻار، بزرگ ۽ عورتون خاص طور متاثر ٿي رهيون آهن.
رهواسين ۽ سماجي اڳواڻن ميئر سکر ۽ ايم پي اي سکر کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي نوٽيس وٺي گٽرن جي صفائي ڪرائي، نيڪال جو مناسب بندوبست ڪري ۽ علائقي کي گندگي کان پاڪ ڪرائي، جيئن مسجد جو تقدس بحال رهي ۽ عوام کي صاف سٿري ماحول ۾ زندگي گذارڻ جو حق ملي سگهي
