ڏکڻ ڪوريا جي صدر حيران ڪندڙ طور تي گنج پن کي ملڪ لاءِ نئون ۽ سنگين مسئلو قرار ڏيندي ان کي “بقا جو معاملو” سڏي ڇڏيو آهي.
غير ملڪي ميڊيا موجب صدر لي جي ميونگ چيو آهي ته وارن جو جهڙڻ رڳو ظاهري مسئلو ناهي، پر اهو ذهني دٻاءُ، خوداعتمادي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي مسئلن جو سبب بڻجي ٿو، جنهن کي سنجيدگي سان وٺڻ ضروري آهي. هن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري سطح تي مدد، تحقيق ۽ ممڪن سبسڊي بابت تجويزون پڻ پيش ڪيون آهن.
ڪورين صدر جي هن بيان کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ نئين بحث جنم ورتو آهي، جنهن عوامي راءِ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.
هڪ طبقو هن قدم کي عوامي صحت ۽ ذهني فلاح و بہبود لاءِ مثبت قدم قرار ڏئي رهيو آهي.
جڏهن ته ٻيو طبقو ان کي حڪومت جي ترجيحن تي سوال سمجهي ٿو ۽ ملڪ کي درپيش اهم معاشي ۽ سماجي مسئلن جي حل تي زور ڏئي ٿو.
