واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪرپٽو ڪرنسي جي ڪاروبار مان هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪري ورتي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ذاتي مالي اثاثن بابت لڳ ڀڳ 200 صفحن تي ٻڌل دستاويز جاري ڪيا، جن موجب هن ڪرپٽو ڪرنسي جي ڪاروبار مان هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي.
رپورٽ موجب، ٽرمپ سي آءِ سي ڊجيٽل (CIC Digital) مان پڻ 636 ملين ڊالر آمدني حاصل ڪئي آهي.
هوڏانهن، هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ريپبلڪن پارٽي پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مڊ ٽرم ڪنوينشن منعقد ڪندي.
هن چيو ته ريپبلڪن پارٽي جو ڪنوينشن آمريڪي شهر ڊيلاس ۾ ٿيندو، جيڪو سندس پسنديده هنڌن مان هڪ آهي.
