ڪابل: افغان ڪرڪٽر محمد نبي ۽ سندس پٽ حسن عيسيٰ خيل بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ هڪ ئي ٽيم طرفان کيڏي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي۔
تفصيل موجب بي پي ايل ۾ نوکالي ايڪسپريس جي نمائندگي ڪندي حسن عيسيٰ خيل والد سان گڏ چوٿين وڪيٽ لاءِ 53 رنز جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، جنهن دوران 19 ورهين جي حسن عيسيٰ خيل 60 بالن تي 92 رنز ٺاهيا۔
محمد نبي ۽ سندس پٽ جي جوڙي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ ئي ٽيم مان کيڏندڙ پيءُ ۽ پٽ جي پهرين جوڙي بڻجي وئي آهي۔
ان موقعي تي محمد نبي چيو ته هو پنهنجي پٽ سان کيڏي ڏاڍو خوش آهي، پٽ سان کيڏڻ لاءِ ڪافي عرصي کان انتظار ڪري رهيو هو، هن پٽ کي پروفيشنل ڪرڪٽر بڻايو ۽ هن ڊيبيو ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ 90 منٽ تياري ڪئي ۽ پٽ کي ٻڌائيندو رهيو ته کيس ڪهڙي قسم جي بالن کي منهن ڏيڻو پوندو۔
ان موقعي تي حسن عيسيٰ خيل چيو ته اسين سٺا دوست آهيون، والد سخت مزاج ناهي پر ٽريننگ دوران سختي ڪندو آهي، افغانستان نيشنل ٽيم طرفان کيڏڻ منهنجو خواب آهي۔
هن ميچ ۾ نوکالي ايڪسپريس ڍاڪا ڪيپيٽلز کي 41 رنز سان شڪست ڏني هئي۔
