چين ۾ هڪ نئين ۽ ڪجهه حد تائين سنجيده نالي واري موبائل ايپ تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي، جيڪا اڪيلو رهندڙ ماڻهن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي۔
’آر يو ڊيڊ؟‘ (ڇا توهان زنده آهيو؟) نالي هن ايپ ۾ صارف کي هر ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ وڏي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري اها تصديق ڪرڻي هوندي آهي ته هو خيريت سان آهي ۽ زنده آهي۔
جيڪڏهن مقرر وقت اندر چيڪ اِن نه ڪيو وڃي ته ايپ صارف پاران نامزد ڪيل ايمرجنسي نمبر تي پاڻمرادو رابطو ڪري اطلاع ڏئي ٿي ته لاڳاپيل شخص ڪنهن مشڪل ۾ ٿي سگهي ٿو۔
هي ايپ گذريل سال مئي مهيني ۾ لانچ ڪئي وئي هئي، پر تازن هفتن ۾ ان جي مقبوليت ۾ غيرمعمولي اضافو ٿيو آهي، خاص طور تي چيني شهرن ۾ اڪيلو رهندڙ نوجوان وڏي انگ ۾ هن ايپ کي ڊائون لوڊ ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هي ايپ هن وقت ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ پريميم (ادا ڪيل) ايپ بڻجي چڪي آهي۔
چيني سرڪاري ميڊيا موجب تحقيقي ادارن جو اندازو آهي ته 2030 تائين چين ۾ اڪيلو رهندڙ ماڻهن تي ٻڌل گهرن جو انگ 20 ڪروڙ تائين پهچي سگهي ٿو۔ اهو ئي طبقو آهي جنهن کي هي ايپ خاص طور تي هدف بڻائي رهي آهي۔
هي ايپ پاڻ کي هڪ ‘سيفٽي ڪمپينين’ قرار ڏئي ٿي، جيڪا اڪيلو آفيس ويندڙ ملازمن، گهر کان پري رهندڙ شاگردن يا اڪيلائي واري زندگي اختيار ڪندڙ ماڻهن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي۔
جيتوڻيڪ ايپ جي ڪاميابي ۾ ان جي منفرد ۽ چونڪا ڏيندڙ نالي جو به ڪردار آهي، پر ايپ ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو نالي بابت ٿيندڙ تنقيد کي نظر ۾ رکندي ممڪن تبديلي تي غور ڪري رهيا آهن۔
هي ايپ عالمي سطح تي Demumu جي نالي سان دستياب آهي ۽ آمريڪا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ادا ڪيل يوٽيلٽي ايپس ۾ ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته آسٽريليا ۽ اسپين ۾ ٽاپ 4 ايپس ۾ شامل ٿي چڪي آهي، جنهن جو هڪ سبب ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ چيني صارفين کي به قرار ڏنو پيو وڃي۔
