ٽرانس جينڊر ڊانسر مهڪ ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي هڪ ڊرامي جو جيڪو معاوضو ملي ٿو، اهو هڪ آلٽو ڪار جي قيمت کان وڌيڪ آهي۔
ٽرانس جينڊر ڊانسر مهڪ ملڪ تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان معاوضي بابت سوال ڪيو. ان تي مهڪ ملڪ ٻڌايو ته،
“جيئن يوٽيوبَر چون ٿا ته هو پنهنجي وڊيوز مان مهيني ۾ ايترو ڪمائين ٿا جو آساني سان هڪ، ٻه يا ٽي آلٽو خريد ڪري سگهن، بلڪل اهڙيءَ طرح مان به هڪ ڊرامي جو ايترو معاوضو وٺان ٿي جو ان مان هڪ يا ڏيڍ آلٽو اچي وڃي.”
انٽرويو دوران ميزبان مهڪ ملڪ کان اداڪاره نرگس جي معاوضي سان ڀيٽ بابت سوال ڪيو.
ان تي مهڪ ملڪ چيو ته،
“منهنجي نرگس سان ڪڏهن به ملاقات ناهي ٿي، انڪري ان حوالي سان ڪجهه نٿي چئي سگهان، پر منهنجو معاوضو 20 لک رپين کان وڌيڪ آهي.”
