بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر آنجهاني اداڪار ڌرمېندر سان پنهنجي بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي۔
تازو ڌرمېندر بابت ڳالهائيندي سلمان خان چيو ته “مان اڃا هڪ والد جهڙي شخصيت وڃائي ويٺو آهيان، ڌرم جي! هن منهنجي شخصيت تي گهرا اثر ڇڏيا آهن۔”
سلمان خان پنهنجي ڪاميابي جو سهرو به ڌرمېندر جي مٿي رکندي چيو ته “مون پنهنجي ڪيريئر ۾ جيڪو ڪجهہ ڪيو، اهو سڀ ڌرم جي کي ڏسي ڪيو۔”
اداکار جو وڌيڪ چوڻ هو ته “منهنجي زندگي ۾ منهنجو والد ۽ ڌرم جي، اهي ٻه اهڙا ماڻهو هئا جن کي مان هميشه فالو ڪندو رهيو آهيان۔ مان انهن ٻنهي کان متاثر رهيو آهيان۔ ڌرمېندر انتهائي باڪمال انسان هئا، هو همدرد ۽ جذبن سان ڀرپور شخص هئا۔”
