انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) ون ڊي کيڏارين جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي۔
آئي سي سي پليئرز رينڪنگ موجب، ڀارت جو اڳوڻو ڪپتان ويرات ڪوهلي 4 سالن بعد ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ بيٽرز جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي ڇهين پوزيشن برقرار آهي۔
نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل هڪ درجو بهتر ٿي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته روهت شرما ٻه درجا هيٺ لهي ٽئين پوزيشن تي هليو ويو آهي۔
آسٽريليا جو اسٽيَو اسمتھ هڪ درجو ترقي بعد چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو سعود شڪيل نائين نمبر تي موجود آهي۔
ڀارت جو کي ايل راهول هڪ درجو بهتر ٿي 11هين پوزيشن تي پهچي ويو آهي۔
ون ڊي بولرز رينڪنگ ۾ افغانستان جو راشد خان پهرين نمبر تي برقرار آهي، انگلينڊ جو جوفرا آرچر ٻئي ۽ ڀارت جو ڪلدیپ ياديو ٽئين نمبر تي آهي۔
ڀارت جو محمد سراج پنج درجا بهتر ٿي 16هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته رويندرا جڊيجه پنج درجا هيٺ لهي 21هين نمبر تي هليو ويو آهي۔
آئي سي سي ون ڊي آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ افغانستان جو عظمت الله عمرزئي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي۔
ٽيسٽ بيٽرز ۾ انگلينڊ جو جو روٽ پهرين، هيري بروڪ ٻئي ۽ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ ٽئين نمبر تي آهن۔
ٽيسٽ بولرز ۾ ڀارت جو جسپريت بمرا پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو نعمان علي ٽيسٽ بولرز رينڪنگ ۾ ٻئي نمبر تي آهي۔
ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ڀارت جو رويندرا جڊيجه پهرين نمبر تي برقرار آهي۔
