ڊبلن: آئرلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ هينرڪ ملان ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪرڪيٽ آئرلينڊ موجب، هينرڪ ملان گذريل چار سالن کان قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، جڏهن ته سندس معاهدو 2027ع جي شروعات تائين وڌايو ويو هو.
هينرڪ ملان جي ڪوچنگ هيٺ آئرلينڊ ڀارت خلاف ٻه ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي مهمان ٽيم کي وائيٽ واش ڪيو.
سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آئرلينڊ 34 رنسن تان ڀارت کي شڪست ڏني، جڏهن ته ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ انتهائي سنسني خيز مقابلي کانپوءِ هڪ رن تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪئي.
ڀارت خلاف تاريخي ڪاميابي کان فوري پوءِ هينرڪ ملان جي استعيفيٰ جو اعلان ڪرڪيٽ حلقن ۾ حيرت جو سبب بڻيو آهي. بهرحال، ڪرڪيٽ آئرلينڊ طرفان سندس استعيفيٰ جا تفصيلي سبب فوري طور ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
