ٽنڊوڄام (محبوب حسین بوزدار) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران انبن، ڪيلن ۽ ٻين زرعي پيداوار مان ويليو ايڊڊ خوراڪي شيون تيار ڪرڻ، انهن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪي توڙي عالمي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي خانگي ڪمپني سنتورائي انٽرپرائزز (پرائيويٽ) لميٽيڊ سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ان سهڪار جو مقصد يونيورسٽيءَ جي تحقيق ۽ سائنسي مهارتن کي خانگي شعبي جي ضرورتن سان ڳنڍي زرعي پيداوار جي اهميت ۽ معاشي ملهه وڌائڻ، خوراڪي شين جي تياريءَ ۾ جدت آڻڻ ۽ آبادگارن توڙي يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽس لاءِ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ٿيل تقريب دوران سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽر آسيا اڪبر پنھور ۽ سنتورائي انٽرپرائزز پاران آڪاش سنتورائي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، ٽيچرز اسٽوڊنٽس انگيجمينٽ پروگرام (STEP) جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڪوالٽي انہانسمنٽ سيل جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سليم مسيح ڀٽي، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ ڄامڙو، ڊاڪٽر محمد مٺل لنڊ، مس رابعه راجپر ۽ ٻيا يونيورسٽي عملدار پڻ موجود هئا، معاهدي تحت سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جو انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي خوراڪي شين جي تياري ۽ بهتري، خوراڪ کي محفوظ رکڻ جي جديد طريقن، ليبارٽري ٽيسٽنگ، معيار جي جاچ، شين جي استعمال لائق رهڻ واري مُدي جي تعين، پيڪنگ ۽ ليبلنگ بابت فني ۽ سائنسي سهڪار فراهم ڪندو، ان سهڪار ذريعي زرعي پيداوار مان اهڙيون معياري ۽ ڪاروباري لحاظ کان فائديمند شيون تيار ڪرڻ ۽ انهن کي ملڪي توڙي عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ جا موقعا پڻ ڳوليا ويندا، ان گڏيل سهڪار ۾ يونيورسٽي ۽ صنعت وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل تحقيق ۽ ترقي، خوراڪي شين جي تياريءَ ۾ جدت آڻڻ، شاگردن لاءِ انٽرن شپ ۽ عملي تربيت جا موقعا پيدا ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏنو ويندو. ان قدم سان زرعي پيداوار جي قدر وڌائڻ، فصلن لهڻ کان پوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ مقامي زرعي شين جي تجارتي اهميت وڌائڻ ۾ مدد ملڻ جي اميد آهي، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال اميد ظاهر ڪئي ته خانگي شعبي سان هي سهڪار مقامي زرعي شين جي گهرج وڌائڻ، انهن مان معياري ۽ ويليو ايڊڊ شيون تيار ڪرڻ ۽ آبادگارن توڙي يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽس لاءِ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته يونيورسٽين جي سائنسي ڄاڻ ۽ خانگي شعبي جي ڪاروباري مهارتن کي گڏائڻ سان نوجوانن ۾ ڪاروباري صلاحيتون وڌائڻ ۽ زرعي پيداوار جو معاشي ملهه وڌائڻ جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، مفاهمت جي يادداشت پنجن سالن لاءِ لاڳو هوندي. معاهدي تحت ڪنهن به مخصوص پيداوار جي خريداري، مقدار، قيمت، معيار ۽ فراهميءَ جي شرطن جو تعين ٻنهي ڌرين وچ ۾ الڳ لکيل معاهدي ذريعي ڪيو ويندو.
