ميرپورخاص: بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي صوبائي صدر رئيس تاج محمد ڀرڳڙي ۽ ڊويزنل صدر خالد حسين خاصخيلي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي 15هين ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
پنهنجي گڏيل بيان ۾ اڳواڻن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ جي هڪ عظيم شخصيت هيون، جن ڏکين حالتن، سياسي دٻاءَ ۽ ذاتي ڏکن باوجود جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي. سندس زندگي قرباني، همت ۽ سياسي ثابت قدميءَ جي علامت آهي.
هنن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ، خاص طور ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس سياسي خدمتون ۽ جمهوري قدرن سان وابستگي ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن.
رئيس تاج محمد ڀرڳڙي ۽ خالد حسين خاصخيلي وڌيڪ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد مان اهو سبق ملي ٿو ته جمهوري اصولن، عوامي حقن ۽ سياسي آزادين جي تحفظ لاءِ عزم ۽ حوصلو بنيادي اهميت رکن ٿا. سندس سياسي ورثي کي ياد رکڻ ۽ جمهوري روايتن کي اڳتي وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
هنن بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوري خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سندس قربانيون پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهم باب آهن ۽ سندس جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي.
