ڪوٽ ڏيجي (رپورٽ ڪفايت علي ھاليپوٽو) عوامي پريس ڪلب ڪنب جو ساليانو اجلاس پريس ڪلب جي صدر ناز سولنگي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.
اجلاس جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي. اجلاس ۾ سال 2025 ۽ 2026 جي ڪارڪردگي تي تفصيلي نظر وڌي وئي.
اجلاس جي ايجنڊا ۾ صحافي برادري خلاف ڪوڙا ڪيس، علائقي ۾ چوري جي وڌندڙ وارداتن، صحافين تي تشدد، سنڌ حڪومت طرفان گذريل 25 سالن کان پريس ڪلب کي فنڊ جاري نه ڪرڻ ۽ پريس ڪلب جي بلڊنگ جي تعمير سميت ٻين اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هن موقعي تي عوامي پريس ڪلب ڪنب جي صدر ناز سولنگي خطاب ڪندي چيو ته:
“خيرپور ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ صحافين جي جان هلي وئي آهي، پر سرڪار طرفان ڪا به سهائتا نه ٿي ملي. عوامي پريس ڪلب ڪنب اسان جي رجسٽرڊ پريس آهي، پر افسوس حڪومت طرفان ڪا به سهائتا فراهم نه پئي ڪئي وڃي.”
اجلاس ۾ عوامي پريس ڪلب ڪنب جي سمورن ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
عوامي پريس ڪلب ڪنب جو ساليانو اجلاس صدر ناز سولنگي جي صدارت ۾ منعقد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
