گذريل ڪجهه مهينن دوران ايپل جي پهرين فولڊ ايبل آئي فون بابت ڪيترين افواهن ۽ رپورٽن سامهون آيون آهن.
هي فولڊ ايبل آئي فون هن سال سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
پر هاڻي هڪ رپورٽ موجب ٻڌايو ويو آهي ته ايپل فلپ اسٽائل آئي فون جي تياري تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ايپل فلپ فولڊ ايبل آئي فون جا آپشن تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته آئي فون فلپ ڪڏهن متعارف ٿيندو ۽ اهو به واضح ناهي ته اهو واقعي صارفين جي هٿن تائين پهچي سگهندو يا نه.
ايپل پهرين بڪ اسٽائل فولڊ ايبل آئي فون متعارف ڪرائي صارفين جي ردعمل کي جانچيندو، پوءِ ان مطابق فلپ ماڊل متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
فلپ اسٽائل فولڊنگ آئي فون جي تياري جون افواهون ڪافي عرصي کان سامهون آهن، ۽ اڳوڻين رپورٽن موجب ايپل وٽ اهڙن گهٽ ۾ گهٽ 2 پروٽوٽائپ ورزن موجود آهن.
شروع ۾ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته بڪ اسٽائل کان اڳ ايپل فلپ اسٽائل فولڊ ايبل آئي فون پيش ڪندو، پر بعد ۾ ان منصوبي کي رد ڪيو ويو.
