پاڪستان ۾ سوني جي قيمت ۾ هزارين روپين جي وڏي گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلرز موجب، اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن به في توله سوني جي قيمت 21,500 روپيا گهٽجي وئي، جنهن کانپوءِ في توله سونو 4 لک 90 هزار 362 روپيا ٿي ويو آهي.
ان کان علاوه، 10 گرام سوني جي قيمت 18,433 روپيا گهٽجي 4 لک 20 هزار 406 روپيا ٿي وئي آهي.
هتي اهو به قابلِ ذڪر آهي ته صرف ٽن ڏينهن ۾ في توله سوني جي قيمت 82,500 روپيا گهٽجي چڪي آهي.
ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ سوني جي قيمت 215 ڊالر گهٽجي 4,676 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.
