پاڪستان فٽبال فيڊريشن (PFF) ۽ ارجنٽائن فٽبال ايسوسيئيشن وچ ۾ ڳالهين جو آغاز ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي قومي فٽبال ٽيمن وچ ۾ فرينڊلي ميچ ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب ٻنهي فيڊريشنز وچ ۾ ابتدائي آن لائين ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن دوران فرينڊلي ميچ ۽ فٽبال ڊولپمينٽ پروگرام تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ مختلف فني ۽ انتظامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.
رپورٽن مطابق پي ايف ايف جي عهديدارن ۽ ارجنٽائن فٽبال جي نمائندن وچ ۾ آن لائين ملاقات دوران مستقبل جي تعاون بابت به ڳالهيون ٿيون. خاص طور تي ورلڊ ڪپ کان پوءِ پاڪستان ۽ ارجنٽائن وچ ۾ فرينڊلي ميچ ڪرائڻ بابت ابتدائي مشاورت ڪئي وئي.
ٻنهي فيڊريشنز ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته معاملي کي اڳتي وڌايو ويندو ۽ وڌيڪ تفصيلي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ميچ کي عملي شڪل ڏئي سگهجي. جيڪڏهن سڀ معاملا طئي ٿي ويا ته امڪان آهي ته هن سال پاڪستان ۽ ارجنٽائن وچ ۾ فرينڊلي ميچ ٿي سگهي ٿي.
ان کان علاوه فٽبال جي ترقي لاءِ ڪوچنگ ۽ ڊولپمينٽ پروگرام تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن تحت ارجنٽائن جا ماهر ڪوچ پاڪستان اچي مقامي رانديگرن ۽ ڪوچز جي تربيت ڪندا.
هي قدم پاڪستان فٽبال لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي، جيڪو ملڪ ۾ فٽبال جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو۔
