• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ تي حملي ۾ گرفتار زخمي دهشتگرد جا انڪشاف، افغانستان مان اچڻ ۽ اتي تربيت وٺڻ جي دعويٰ
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ تي حملي ۾ گرفتار زخمي دهشتگرد جا انڪشاف، افغانستان مان اچڻ ۽ اتي تربيت وٺڻ جي دعويٰ

admin
Last updated: June 29, 2026 10:42 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي: ڪراچي ۾ سنڌ رينجرز جي ڪيمپ تي حملي ۾ گرفتار ٿيل زخمي دهشتگرد، جيڪو اختيارين موجب جماعت الاحرار سان لاڳاپيل آهي، جاچ دوران دعويٰ ڪئي آهي ته هو افغانستان جي علائقي جلال آباد کان پاڪستان آيو هو ۽ اتي ئي تربيت حاصل ڪئي هئي.

سرڪاري طور جاري ڪيل وڊيو بيان موجب، گرفتار دهشتگرد پنهنجو نالو عثمان علي ٻڌايو ۽ چيو ته ساڻس گڏ ٽي ٻيا ساٿي پڻ هئا، جن جا نالا عبدالهادي، جانان ۽ عمر فاروق هئا.

هن دعويٰ ڪئي ته رينجرز جي ڪيمپ تي بم اڇلائڻ وارو سندس ساٿي جانان هو، جڏهن ته عبدالهادي باجوڙ سان تعلق رکندو هو ۽ حملي دوران مارجي ويو.

گرفتار جوابدار موجب، هو حملي کان لڳ ڀڳ ست ڏينهن اڳ پاڪستان پهتا هئا ۽ کين هڪ زير تعمير عمارت ۾ ترسايو ويو هو. هن اهو به دعويٰ ڪئي ته حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار عبدالهادي وزيرستان مان آندا هئا.

هن وڌيڪ چيو ته حملي کان پوءِ فرار ٿيڻ دوران کيس گولي لڳي، جنهن سبب هو زخمي ٿي ڪري پيو ۽ گرفتار ٿي ويو.

بيان ۾ عثمان علي دعويٰ ڪئي ته سندس تعلق جماعت الاحرار سان آهي ۽ افغانستان ۾ تنظيم جي هڪ ڪمانڊر جي نگراني هيٺ کيس ۽ سندس ساٿين کي تربيت ڏني وئي. هن اهو به دعويٰ ڪئي ته کين خودڪش جيڪٽن جي تياري ۽ ٻين عسڪري معاملن بابت تربيت افغانستان ۾ ڏني وئي ۽ ڪراچي اچڻ کان اڳ سمورا انتظام اتي ئي ڪيا ويا.

هن اهو پڻ چيو ته عبدالهادي اڳ ۾ به پاڪستان اچي چڪو هو ۽ گروپ جي ٻين ماڻهن کي هدايتون ڏيندو هو. سندس دعويٰ هئي ته شروعات ۾ کين فوج ۽ رينجرز جي وچ ۾ فرق جي ڄاڻ نه هئي، جيڪا پاڪستان پهچڻ کان پوءِ کين ٻڌائي وئي.

ٻئي طرف دفاعي ۽ سيڪيورٽي معاملن جي ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جاچ دوران سامهون آيل اهي دعوائون صحيح ثابت ٿين ٿيون ته اهي سرحد پار دهشتگرد نيٽ ورڪن بابت پاڪستان جي خدشن جي عڪاسي ڪن ٿيون.

تزويراتي معاملن جي ماهرن موجب، پاڪستان ماضي ۾ به افغان اختيارين سان سرحد پار دهشتگردي بابت ثبوت شيئر ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته انهن معاملن بابت مختلف ڌرين جا موقف هڪ ٻئي کان مختلف رهيا آهن. انهن معاملن جي حتمي تصديق لاڳاپيل جاچ ۽ سرڪاري ادارن جي رپورٽن ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو
Next Article ڪورين ڳائڻي جنگ ڪوڪ جي گهر جي گهنٽي 133 ڀيرا وڄائيندڙ خاتون مداح کي هڪ سال قيد جي سزا
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

وزيراعظم طرفان ٽرمپ جي فيصلي تي ٿورا، علائقي ۾ امن لاءِ اهم قدم قرار

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان فيصلي تي ٿورا مڃيا آهن، جنهن تحت آبنائے هرمز…

1 Min Read
پاڪستان

بلوچستان: نوڪنڊي کان سبِي تائين 400 ملين ڊالر خرچ سان ريلوي ٽريڪ اپ گريڊ ڪرڻ جو منصوبو

بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊ ڪرڻ جو منصوبو هن سال اپريل ۾ شروع ٿيندو. ريلوي ٽريڪ جو هي…

1 Min Read
پاڪستان

پشين: رشتي جي تڪرار تان هٿياربندن جي گهر ۾ فائرنگ، عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئٽه: (جمع: 27 مارچ 2026ع)  ضلعي پشين جي ڏوراهين علائقي يارو ۾ رشتي جي تڪرار تان هٿياربندن جو گهر تي…

2 Min Read
پاڪستان

اي ايس پي شهر بانو، ڊاڪٽر علي زين جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

لاهور اي ايس پي شهربانو ڊاڪٽر علي زين جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي،  لاهور جي ڊاڪٽر علي زين العابدين…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?