سکر (خاص نمائندو) جماعت اسلامی پاکستان جي نائب امیر لیاقت بلوچ سنڌ جي دوري دوران سکر پهچڻ تي مقامي اڳواڻن سان اهم ملاقات ڪئي. خبر موجب جماعت اسلامی پاکستان جي نائب امیر لیاقت بلوچ سنڌ جي دوري جي موقعي تي سکر پهچڻ تي الخدمت فائونڊيشن جي اڳواڻ ۽ پاڪستان ريلوي پريم يونين (سي بي اي) جي مرڪزي سيڪريٽري خير محمد تنيو سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سندس همراهه جماعت اسلامی سنڌ جو نائب امیر نصرالله چنا، جماعت اسلامی سکر جا اڳواڻ حزب الله جکراڻي، سلطان احمد لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ريلوي جي خانگيڪاري، مزدورن جي مسئلن، ملازمن جي حقن، اداري جي بهتري ۽ ريلوي کي درپيش ٻين اهم معاملن تي تفصيلي ۽ مثبت ٻڌچيٽ ڪئي وئي. ان موقعي تي ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ريلوي ملازمن جي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو ۽ قومي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون. پاڪستان ريلوي جي مزدورن جي حقن، انصاف ۽ قومي اداري جي مضبوطيءَ لاءِ اهڙي مثبت مشاورت ۽ باهمي سهڪار تحسين جوڳو آهي.
