پشاور: خيبرپختونخوا اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي براءِ سيڪيورٽي امن امان بابت اِن ڪيمرا بريفنگ لاءِ ڪور ڪمانڊر پشاور کي خط لکي ڇڏيو آهي۔
صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان لکيل خط ۾ خصوصي ڪميٽي ڪور ڪمانڊر کان صوبي ۾ امن امان ۽ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي۔
خط موجب خصوصي ڪميٽي ۾ قائد ايوان، قائد حزب اختلاف، وزير ۽ پارلياماني اڳواڻ شامل آهن، جڏهن ته خصوصي ڪميٽي کي اڳ ئي چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کان بريفنگ ملي چڪي آهي۔
خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان جاري آپريشنز بابت به بريفنگ طلب ڪئي آهي، صرف آپريشنز سان پائيدار امن ممڪن ناهي، سياسي ۽ سماجي قدم کڻڻ به ضروري آهن۔
خط ۾ ڪي پي جي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري آپريشنز بابت به بريفنگ جي درخواست ڪئي وئي آهي۔
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اِن ڪيمرا بريفنگ ڪي پي اسيمبلي ۾ باهمي صلاح مشوري سان طئي ڪيل تاريخ تي ڪرائڻ جي درخواست آهي، اهڙي بريفنگ آئيني ذميوارين کي نڀائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔
