کنڊواسٽاپ ويجهو ڳوٺ حاجي غلام مصطفا ميمڻ فارم جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول تعليم کاتي جي آفيسرن جي بي ڌيانئ سبب مسئلن جي ور چڙهيل 200 کان وڌيڪ شاگردن لاء هڪ ليڊي ٽيچر مقرر ٿيل استادن جي کوٽ خلاف سوين معصوم شاگردن جو مظاهرو
تفصيل موجب کنڊواسٽاپ ويجهو يونين ڪائونسل فقير نوح هوٿياڻئ ۾ واقع ڳوٺ حاجي غلام مصطفا ميمڻ فارم جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي سوين معصوم شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرو ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته
اسڪول تعليم کاتي جي آفيسرن جي بي ڌيانئ سبب مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي اسڪول ۾ استادن جي شديد کوٽ آهي 200 کان وڌيڪ شاگردن لاء صرف هڪ ليڊي ٽيچر نسيم انڙ مقرر ٿيل آهي جيڪا پڻ سانگهڙ ضلعي مان ايندي آهي ۽ هڪ ٽيچر ويزا تي ويل آهي استادن جي کوٽ ۽ اسڪول جي مسئلن بابت
تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽيارئ کي زباني توڙي لکت ۾ شڪايتون ڪري چڪا آهيون پر ڪو مسئلو حل نه پيو ٿئي اسان تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنا وڃن
200 کان وڌيڪ شاگردن لاءِ رڳو هڪ ليڊي ٽيچر، مٽياري جي پرائمري اسڪول جا معصوم شاگرد احتجاج تي نڪري آيا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
