• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سنڌ ۾ 61 سيڪڙو گهٽ برسات، زرعي ماهرن پاران هنگامي قدمن جي تجويز
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سنڌ ۾ 61 سيڪڙو گهٽ برسات، زرعي ماهرن پاران هنگامي قدمن جي تجويز

admin
Last updated: August 18, 2026 9:15 am
admin
Share
SHARE

زرعي سائنسدانن ۽ ماحولياتي ماهرن سنڌ کي موسمياتي تبديليءَ جي وڌندڙ اثرن کان بچائڻ، گرين اڪانامي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مٽيءَ جي حياتياتي وائيي منڊل جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڏيندي عالمي سطح تي گلوبل سائنٽيفڪ ڪوآرڊينيشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، ماهرن مطالبو ڪيو آهي ته مٽيءَ ۾ موجود حياتياتي تنوع کي مفت ۾ موجود وسيلو سمجهڻ بدران ان کي قدرتي سرمايو (نيچرل ڪيپيٽل) تسليم ڪيو وڃي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سنڌ زرعي سائنس سوسائٽي پاران، وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي صدارت هيٺ “سوائل کان سوسائٽي تائين” جي عنوان سان هڪ خاص سيمينار ۽ ليڪچر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ماهرن سنڌ ۾ تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن، مٽيءَ جي صحت، حياتياتي تنوع ۽ زرعي معيشت کي درپيش خطرن تي تفصيلي روشني وڌي، تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ جون جاگرافيائي ۽ ماحولياتي حالتون تيزيءَ سان خشڪ بياباني علائقي (ايرڊ زون) ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، هن انڪشاف ڪيو ته هلندڙ سال جولاءِ مھيني دوران سنڌ ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 61 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جيڪا زراعت، آبي وسيلن ۽ مٽيءَ جي صحت لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي، هن چيو ته مٽيءَ جي صحت ۽ حياتياتي تنوع کي رڳو زرعي مسئلو سمجهڻ بدران ان کي معيشت، روزگار ۽ مجموعي قومي پيداوار (GDP) جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته مٽيءَ جي زرخيزي ۾ گهٽتائي سڌي ريت زرعي پيداوار، آبادگارن جي آمدني ۽ غذائي تحفظ کي متاثر ڪري ٿي، ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ سائنسي تحقيق، خاص طور تي پي ايڇ ڊي جي تحقيقي مقالن کي عام فهم ۽ مقامي ٻولين ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي، ته جيئن تحقيق جا فائدا ليبارٽرين ۽ لائبريرين تائين محدود نه رهن، پر عام آبادگار تائين پهچن ۽ هو جديد سائنسي ڄاڻ مان فائدو وٺي پنهنجي فصلن جي پيداوار ۽ آمدني ۾ اضافو ڪري سگهي، هن چيو ته موجوده دور ڊجيٽل زراعت جو آهي، تنهن ڪري آبادگارن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل پليٽ فارمن، بروقت موسمي ڄاڻ ۽ جديد پيداواري طريقن کان آگاهه ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيمينار کي خاص خطاب ڪندي سوائل فرٽيلٽي انسٽيٽيوٽ ٽنڊوڄام جي پرنسپل سائنسدان ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر چيو ته ڌرتيءَ جي مجموعي حياتياتي تنوع جو 25 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو مٽيءَ جي هيٺان موجود آهي، جڏهن ته سائنس اڃا تائين مٽيءَ ۾ موجود هڪ سيڪڙو کان به گهٽ مائڪرو آرگنزمز کي دريافت ڪري سگهي آهي، سنڌ جي صورتحال تي روشني وجهندي ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر ٻڌايو ته صوبي جي لڳ ڀڳ 62 سيڪڙو ايراضي، بنجر يا محدود طور پوکي جي قابل آهي، جڏهن ته تقريباً 61 سيڪڙو سوائل سم، لوڻياٺ ۽ ٻين سببن جي اثر هيٺ آهي، هن ورلڊ بئنڪ جي حوالي سان ٻڌايو ته قدرتي وسيلن جي نقصان ۽ ماحولياتي تباهي سبب سنڌ کي هر سال پنهنجي GDP جي 4 کان 6 سيڪڙو جي برابر معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو، جنهن مان لڳ ڀڳ 46 سيڪڙو نقصان زرعي فصلن کي پهچي ٿو، ڊاڪٽر حفيظ الله ٻٻر حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مٽيءَ جي حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ تحقيق لاءِ فوري طور “نيشنل سوائل بائيو ڊائيورسٽي مشن” ۽ “نيشنل سوائل مائڪرو بائيووم ائٽلس” قائم ڪيا وڃن، جڏهن ته مختلف زرعي علائقن ۾ “لوِنگ سوائل ليبارٽريز” قائم ڪيون وڃن، هن زور ڀريو ته گڏيل قومن جي پائيدار ترقيءَ جي هدفن (SDGs) جي حاصلات لاءِ مٽيءَ جي صحت ۽ ان جي حياتياتي نظام جي تحفظ کي قومي پاليسين جو بنيادي حصو بڻايو وڃي، تقريب کي فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي ڊين ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، سنڌ زرعي سائنس سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي ۽ ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر پڻ خطاب ڪيو ۽ مٽيءَ جي تحفظ، سائنسي تحقيق ۽ موسمياتي تبديليءَ سان ٺھڪندڙ زرعي نظام جي ضرورت تي روشني وڌي، سيمينار ۾ يونيورسٽي جي استادن، زرعي تحقيق سان لاڳاپيل ماهرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي مناسبت سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article حيدرآباد ۾ بجلي چوري پڪڙي وئي، 2 جوابدارن خلاف ڪيس
Next Article 200 کان وڌيڪ شاگردن لاءِ رڳو هڪ ليڊي ٽيچر، مٽياري جي پرائمري اسڪول جا معصوم شاگرد احتجاج تي نڪري آيا
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

سنڌ ۾ ڪرپشن کانسواءِ ڪو به ڪم نٿو ٿئي، سرڪاري آفيسر ڪميشن کي پنهنجو حق سمجهن ٿا: مخالف ڌر جو اڳواڻ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي دعويٰ…

3 Min Read
پاڪستان

پي ٽي آءِ 8 فيبروري تي نئين فساد جو پروگرام تيار ڪيو آهي: عظميٰ بخاري جو دعويٰ

پنجاب جي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري دعويٰ ڪيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 8 فيبروري تي نئين…

1 Min Read
پاڪستان

وزيراعظم طرفان ٽرمپ جي فيصلي تي ٿورا، علائقي ۾ امن لاءِ اهم قدم قرار

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان فيصلي تي ٿورا مڃيا آهن، جنهن تحت آبنائے هرمز…

1 Min Read
پاڪستان

وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال، پاڪستان ۾ به فضائي آپريشن متاثر

ايران آمريڪا جنگ سبب ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به وچ اوڀر ۾ فضائي آپريشن  سخت متاثر ٿي ويو آهي.…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?