پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نالو کڻڻ کان سواءِ مسلم ليگ(ن) کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته اهي ماڻهو نسلن کان هميشه ڌانڌلي جي ذريعي اقتدار ماڻيندا آهن هي آهن ئي ڌانڌلي جي پيداوار.
مظفرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو جلسو ڏسي لڳي ٿو ته 2 آگسٽ تي تير جي سوڀ پڪي آهي، اسان ٽن نسلن کان ڪشمير جي جدوجهد عالمي سطح تي اٿاري رهيا آهيون.
بلاول ڀٽو زرداري(ن) ليگ جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته اهي ماڻهو ڌانڌلي جي ذريعي اقتدار ۾ ايندا آهن، هي نسل در نسل کان ڌانڌلي جي پيداوار آهن هي سمجهن ٿا ته آزاد ڪشمير ۾ به ڌانڌلي جي ذريعي اقتدار ۾ ايندا، پر اسان انهن کي ڪشمير ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته هنن جي پهريون پنجاب جو وزيراعليٰ به ڌانڌلي سبب بڻيو. هنن جو وزيراعظم به آر او چونڊن جي ڪري بڻيو. پيپلز پارٽي هنن جي رڪارڊ ڌانڌلي باوجود اقتدار ۾ ايندي آهي، مظفرآباد ۾ رهندڙ اوهان جي سازش کي ناڪام بنائيندا.
پ پ چيئرمين چيو ته جتي عوام جي ووٽ جي طاقت سان اسان کي شڪست ملندي ته اسان انهي کي دل سان مڃينداسين پر اسان چوري ٿيل چونڊن کي ڪنهن به صورت ۾ نه مڃينداسين. چوڌري ياسين جي اباڻي سيٽ تي 30 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري ٺپا لڳايا ويا، اسان چوڌري ياسين جي شڪست کي قبول نٿا ڪريون، مون وٽ 30 پولنگ اسٽيشنن جا ثبوت آهن، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن انهي ڌانڌلي ۾ ملوث ناهي ته جن پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي ٿي اتي فوري طور ري پولنگ ڪرائڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير جي عوام سان واعدو ڪريان ٿو ته اوهان جي چوري ٿيل هڪ هڪ سيٽ واپس ڏياريندس، پيپلز پارٽي ڪشمير جي عوام کي ملڪيت جا حق ڏيارڻ چاهي ٿي، مان اهي حق بندوق جي زور تي نه پر اليڪشن کٽي ڏياريندس.
