• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڪوٽڏيجي: 3 لک 85 هزار آبادي صاف پاڻي کان محروم، واٽر پلانٽ غيرفعال
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڪوٽڏيجي: 3 لک 85 هزار آبادي صاف پاڻي کان محروم، واٽر پلانٽ غيرفعال

admin
Last updated: August 22, 2026 6:57 am
admin
Share
SHARE

ايم اين اي، ايم پي اي صاحبان جا دعوا صرف دعوا رھجي ويا ، ڪوٽڏيجي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ سيم ۽ ڪلر جي ڪري پاڻي کارو ۽ زهريلو گندو پاڻي پيئڻ سبب مختلف بيمارين ۾ اضافو، ڪيترائي ماڻهو فوت، واٽر سپلاءِ ۽ فلٽريشن پلانٽ به غيرفعال ،

ڪوٽڏيجي تعلقي جي چونڊيل نمائندن پاران ترقي ۽ عوامي خدمت جا دعوائون ته مسلسل ڪيا وڃن ٿا، پر لکين آبادي وارو ڪوٽڏيجي تعلقو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم بڻيل آهي. 2023ع جي آدمشماري موجب ڪوٽڏيجي تعلقي جي مجموعي آبادي 3 لک 85 هزار 872 ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن مان 2 لک 91 هزار 472 ٻهراڙي ۽ 94 هزار 400 شهري آبادي شامل آهي.

ڪوٽڏيجي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ ٽنهي شهري مرڪزن ڪوٽڏيجي، ڪنب ۽ فقيرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. سم ۽ ڪلر جي ڪري جر کارا ٿي ويا ۽ لوڻياٺ جي وڌندڙ مقدار سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي کارو، ڪڙو ۽ انساني واپرائڻ لاءِ انتهائي نقصانڪار بڻجي ويو آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته صاف ۽ مٺو پاڻي دستياب نه هجڻ سبب ماڻهو مجبوريءَ تحت کارو پاڻي پيئڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري پيٽ ۽ معدي جي مختلف بيمارين سان گڏ هيپاٽائٽس سميت ٻين بيمارين جا ڪيس پڻ وڌي رهيا آهن. شهرين موجب پاڻي ۽ ٻين بيمارين سبب تعلقي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن.

تعلقي ۾ صاف ۽ مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل مختلف واٽر سپلاءِ، فلٽريشن ۽ ٻين منصوبن جي ڪارڪردگي پڻ سواليہ نشان بڻيل آھي . شهرين جو چوڻ آهي ته جتي فلٽريشن يا صاف پاڻي جا پلانٽ قائم ڪيا ويا، انهن مان ڪيترائي ڊگهي عرصي کان بند يا خراب پيل آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ تائين مستقل بنيادن تي صاف پاڻي جي سهولت فراهم نه ٿي سگهي آهي.

پاڻي جو بحران صرف انساني صحت تائين محدود نه رهيو آهي، پر زرعي شعبو پڻ ان جي اثرن کان متاثر ٿي رهيو آهي. آبادگارن موجب سيم ۽ ڪلر جي ڪري زميني پاڻي جي خراب صورتحال سبب زرعي زمينن جي زرخيزي متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي زمينون آهستي آهستي بنجر ٿيڻ طرف وڌي رهيون آهن، جنهن سان هزارين آبادگار خاندانن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آهي.

شهرين چونڊيل نمائندن ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان سوال ڪيو آهي ته چونڊن دوران عوام سان ڪيل ترقياتي واعدا آخر ڪيڏانهن ويا؟ جيڪڏهن لکين آبادي واري تعلقي ۾ عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به ميسر نه هجي ته عوامي خدمت ۽ ترقي جا دعوائون ڪهڙي بنياد تي ڪيون پيون وڃن؟

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته چونڊيل نمائندن جون سرگرميون عوامي مسئلن جي عملي حل بدران اڪثر تعزيتن ۽ رسمي سياسي سرگرمين تائين محدود نظر اچن ٿيون، جڏهن ته بنيادي مسئلا اڃا تائين جيئن جو تيئن موجود آهن.

شهرين سنڌ جي وڏي وزير، پبلڪ هيلٿ، آبپاشي ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪوٽڏيجي تعلقي جي سمورن علائقن مان پيئڻ جي پاڻي جا نمونا وٺي سائنسي بنيادن تي ٽيسٽ ڪرايا وڃن، بند واٽر سپلاءِ ۽ فلٽريشن پلانٽ فوري طور بحال ڪيا وڃن، سيم ۽ ڪلر کان متاثر علائقن لاءِ مستقل بنيادن تي منصوبابندي ڪئي وڃي ۽ عوام کي صاف ۽ محفوظ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

عوام جو چوڻ آهي ته صاف پاڻي ڪو سياسي احسان نه پر بنيادي انساني حق آهي، چونڊيل نمائندن کي هاڻي دعوائن ۽ تعزيتن کان اڳتي وڌي عملي ڪم ڪرڻو پوندو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article راڻيپور ۾ ايم پي اي بيرسٽر هالار منظور وساڻ جو اسرار فائونڊيشن اسڪول جو دورو
Next Article لاڑڪاڻو: پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڪنڌڪوٽ: پيءُ پٽ جي قتل ۾ اڳڀرائي، عورت ۽ نوجوان جي گرفتاري ظاهر

ڪنڌڪوٽ ملڪيت جي معاملي تان قتل ٿيل پي پٽ جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار، ھڪ عورت ۽ ھڪ نوجوان…

3 Min Read
پاڪستان

نيوسعيدآباد پوليس جي ڪانسٽيبل فياض ٻلال جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ليڊي پوليس ڪانسٽيبل نوربانو قنمبراڻي ۽ سندس ڀاڻيجو عجب گل قنمبراڻي کي پوليس سول ڪورٽ هالا جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

نيوسعيدآباد ٿاڻي جي ڪوارٽر ۾ قتل ٿيل نوجوان پوليس ڪانسٽيبل فياض ٻلال کي قتل ڪيس ۾ هڪ ليڊي ڪانسٽيبل ۽…

1 Min Read
پاڪستان

پورهيتن واري صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن 2026ع ۾ نئين چونڊجي آيل عهديدارن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ ”دي ڊيموڪريٽس پينل“ کي گذريل ڪيترن ئي سالن…

2 Min Read
پاڪستان

ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ اهم خبر

لاهور پنجاب حڪومت جي هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ صوبي جي سرڪاري ۽ نجي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?