راڻيپور:ساجد پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر بيرسٽر هالار منظور وساڻ راڻيپور ۾ قائم اسرار فائونڊيشن اسڪول جو دورو ڪيو.
اسڪول انتظاميا، استادن ۽ شاگردن پاران بيرسٽر هالار منظور وساڻ جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي هن اسڪول ۾ جاري تعليمي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
تقريب دوران مختلف پوزيشنون حاصل ڪندڙ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ بيرسٽر هالار منظور وساڻ پاران خاص طور تي ايوارڊز ۽ انعام پڻ ورهايا ويا.
ان موقعي تي بيرسٽر هالار منظور وساڻ شاگردن کي محنت، لگن ۽ تعليم کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائڻ جي تلقين ڪندي چيو ته نوجوان نسل ملڪ جو روشن مستقبل آهي، تنهنڪري تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ جدوجهد ضروري آهي.
ان موقعي تي اسڪول انتظاميا ۽ استادن بيرسٽر هالار منظور وساڻ جي آمد تي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ايوارڊز جي ورڇ کي ساراهيو.
بيرسٽر هالار منظور وساڻ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
