ايس ايس پي ڄامشورو جناب ظفر صديق ڇانگا جي خاص هدايتن تي ڏوهاري ۽ منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي.
ڊي ايس پي نوري آباد ڪليم الله سومرو جي نگرانيءَ ۾ ايس ايڇ او نوري آباد انسپيڪٽر غلام حسين ڪورائي جي اڳواڻيءَ ۾ نوري آباد پوليس منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ فرمان علي ولد ولي محمد سهتو طور ٿي آهي.
پوليس گرفتار جوابدار جي قبضي مان منشيات جي تياري ۽ استعمال ۾ ايندڙ 6 عدد چورا جا بيگ ۽ 2 پيڪٽ زيٽيڪس هٿ ڪري ورتا.
گرفتار جوابدار خلاف لاڳاپيل قلمن تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته منشيات فروشن خلاف ڪارروايون وڌيڪ جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو آهي.
ضلعي پوليس ڄامشورو پاران ڏوهاري ۽ منشيات فروشن خلاف بنا فرق ڪارروائين جو سلسلو جاري رهندو.
