نيو سعيد آباد جي ڳوٺ فول ڪاڪاڻو جي رهواسي نواز علي ڪاڪاڻو پنهنجي ٻن ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي ۽ اغوا جي ڪوشش خلاف پاڪستان پريس ڪلب رجسٽرڊ اسلام آباد، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ برانچ پهچي پريس ڪانفرنس ڪئي.
پريس ڪانفرنس دوران نواز علي ڪاڪاڻو الزام لڳايو ته پتنگ ڪاڪاڻو، ياسمن ڪاڪاڻو، عزيز الله ڪاڪاڻو ۽ پرائمري استاد انور علي ڪاڪاڻو مبينا طور سندس ٻن ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن. سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل ماڻهن سندس زمين جا دستاويز به مبينا طور پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا ۽ کيس زمين تان ڀڄائي ڇڏيو.
نواز علي ڪاڪاڻو وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته گذريل ڏينهن کيس اغوا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، تنهن هوندي به هو پنهنجي جان بچائي حيدرآباد پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن چيو ته کيس پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ بابت خدشا آهن.
هن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، مبينا قبضو ختم ڪرايو وڃي، زمين جا دستاويز واپس ڪرايا وڃن، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ الزامن ۾ نامزد ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
نواز علي ڪاڪاڻو اعليٰ پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪرائي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.
