• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: نوجوانن لاءِ ڪمائيءَ جو نئون طريقو، رڳو وڊيو ريلز ٺاهيو، هڪ ڪلپ جا 84 هزار، مهيني جا 28 لک رپيا ملندا، پر ڪيئن؟ ڄاڻيو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
دنيا

نوجوانن لاءِ ڪمائيءَ جو نئون طريقو، رڳو وڊيو ريلز ٺاهيو، هڪ ڪلپ جا 84 هزار، مهيني جا 28 لک رپيا ملندا، پر ڪيئن؟ ڄاڻيو

admin
Last updated: October 15, 2026 4:45 am
admin
Share
SHARE

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي مختصر وڊيوز(ريلز) جي وڌندڙ مقبوليت نوجوانن لاءِ ڪمائيءَ جا نوان موقعا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جتي ڊگهن وڊيوز مان دلچسپ حصا چونڊي ننڍڙا ڪلپ ٺاهيندڙ نوجوان، جن کي ”ڪلپرز“ چيو وڃي ٿو، انهن کي وائرل ڪرائڻ عيوض معاوضو حاصل ڪن ٿا.
برطانوي راڄڌاني لنڊن سان تعلق رکندڙ 22 ورهين جو ايڪنور سنگهه به پروفيشنل ڪلپر آهي، جيڪو مختلف گراهڪن لاءِ 30 کان 60 سيڪنڊن جون مختصر عام وڊيوز تيار ڪري ٿو.
سندس چوڻ آهي ته وڊيو کي جيترا وڌيڪ ويوز ملندا، سندس ڪمائي به اوتري وڌندي.
ايڪنور موجب، گذريل سال هن ڳائڻي دعا ليپا جي هڪ مختصر وڊيو انسٽاگرام تي پوسٽ ڪري 300 ڊالر ڪمايا هئا، جنهن کانپوءِ کيس اندازو ٿيو ته اهو ڪم ڪيترو منافعي بخش ٿي سگهي ٿو.
هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي هو هن ڪم مان هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار پائونڊ ڪمائي ٿو.
ڪلپرز کي عام طور ڪپڙن جي برانڊن، ميوزڪ ڪمپنين، فلم اسٽوڊيوز، پوڊڪاسٽرن ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرن طرفان ڊگهيون وڊيوز ڏنيون وينديون آهن.
اهي وڊيوز ڏسڻ کانپوءِ ڪلپرز انهن مان دلچسپ ۽ اثرائتا حصا چونڊي مختصر ڪلپ ٺاهيندا آهن ۽ انسٽاگرام، يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ سميت ٻين پليٽفارمن تي اپلوڊ ڪندا آهن.

هر هزار ويوز تي 3 ڊالر تائين ڪمائي
هن ڪم ۾ آمدني جو دارومدار وڊيوز جي مقبوليت تي هوندو آهي.
رپورٽ موجب، ڪجهه پليٽفارمز تي هر هزار ويوز عيوض 3 ڊالر تائين ڪمائي ممڪن آهي، پر اهڙي آمدني سڀني ڪلپرز کي حاصل نه ٿيندي آهي.
ڪنساس جي شهر وچيتا سان واسطو رکندڙ 24 ورهين جو ايٿن ويمز به ڪلپنگ ذريعي ڪمائي ٿو.
سندس چوڻ آهي ته هو هن ڪم مان هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ڊالر ڪمائي ٿو.
هو يوٽيوب ۽ پوڊڪاسٽ جي ميزبان ڪيليب هيـمر لاءِ مختصر وڊيوز تيار ڪري ٿو، جنهن جي پروگرام ۾ مهمانن جي ذاتي مالي معاملن جو جائزو ورتو ويندو آهي.
ويمز موجب، هن ڪم کيس گهر ويٺي آمدني حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي زال ۽ هڪ سال جي پٽ سان وڌيڪ وقت گذارڻ جو موقعو ڏنو آهي.

هر ڪنهن لاءِ وڏي ڪمائي ممڪن ناهي
سوشل ميڊيا صلاحڪار ليا هيبرمين خبردار ڪيو آهي ته ڪلپنگ مان وڏي آمدني حاصل ڪندڙ ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻين ڪيترن ئي ڊجيٽل تخليقڪارن وانگر اڪثريت يا ته تمام گهٽ ڪمائي ٿي يا کين ڪا آمدني ئي نٿي ملي.
اسٽريمنگ انڊسٽريءَ جي تجزيي نگار ڊيوِن نيش جو چوڻ آهي ته هن شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مواد ڏسڻو پوي ٿو ۽ ڪامياب ڪلپرز کي سوشل ميڊيا جي دنيا سان مسلسل ڳنڍيل رهڻو پوي ٿو.

ڪمپنين لاءِ به سستو ۽ اثرائتو طريقو
ڪلپرز کي گراهڪن سان ڳنڍڻ لاءِ ڪيتريون ئي ويب سائيٽون ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ ڪلپنگ ڪلچر، وائرو، وھوپ ۽ ڪِڪ شامل آهن.
اهي پليٽفارم ڪمپنين کان فيس وٺي کين وڊيوز جا مختصر ڪلپ تيار ڪندڙ ماڻهن سان ڳنڍين ٿا.
ڪلپنگ ڪلچر جي گراهڪن ۾ ڪيپيٽل رڪارڊز، يونيورسل ميوزڪ گروپ ۽ ايڇ بي او ميڪس جهڙا نالا شامل آهن.
ڪمپنين لاءِ نوجوان ڪلپرز ذريعي سوشل ميڊيا تي مواد پکيڙڻ، روايتي اشتهارن جي ڀيٽ ۾ سستو ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان وڌيڪ ماڻهن تائين پهچڻ جا موقعا به پيدا ٿين ٿا.
ڪلپنگ ڪلچر جي باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ايوَن اسٽينفيلڊ موجب، سندس ويب سائيٽ دنيا جي 3 لک 40 هزار کان وڌيڪ ڪلپرز کي مختلف برانڊن سان ڳنڍي ٿي.
سندس خيال آهي ته مختصر وڊيوز جي وڌندڙ مقبوليت جو هڪ وڏو سبب ماڻهن جي ڌيان جو گهٽ وقت تائين برقرار رهڻ آهي.
برطانيا جي اڳوڻي حڪومتي صلاحڪار ۽ پوڊڪاسٽ ميزبان جمي ميڪ لافلن پڻ مختصر ڪلپس کي پنهنجي پروگرام جي مشهوري لاءِ استعمال ڪري ٿو.
سندس چوڻ آهي ته ڊگهي پوڊڪاسٽ مان تيار ڪيل مختصر وڊيوز پروگرام جي ٽريلر وانگر ڪم ڪن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن مڪمل پروگرام جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ويوز حاصل ڪن ٿيون.
ايڪنور سنگهه موجب، هن ڪم جي خاص ڳالهه اها آهي ته صرف موبائل فون ۽ سٺي انٽرنيٽ جي مدد سان ڪٿي به ويڊيو ڪلپ ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن سبب هو موڪلن دوران به ڪم ڪري آمدني حاصل ڪري سگهي ٿو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ايران وٽ جديد هٿيار اچي ويا، ”اڳرائي ڪرڻ جي ڀُل نه ڪجو“، پاسدارنِ انقلاب جو آمريڪا ۽ اسرائيل کي چتاءُ
Next Article سهيل آفريدي ڪمري ۾ اڪيلو هو، در ڀڄي گرفتار ڪيو ويو “اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

سيڪريٽري ڊائريڪٽر ميڊم ڊاڪٽر درِ ناز صاحبه، ايڊمن ۽ مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر راجا هريش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ ۾ قائم آر بي سي سيٽلائيٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو

سانگهڙ،رپورٽ غلام رسول ناريجوسانگهڙ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي (SBTA) جي…

October 23, 2026

سيڪريٽري ڊائريڪٽر ميڊم ڊاڪٽر درِ ناز صاحبه، ايڊمن ۽ مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر راجا هريش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ ۾ قائم آر بي سي سيٽلائيٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو

سانگهڙ،رپورٽ غلام رسول ناريجوسانگهڙ سنڌ بلڊ…

October 23, 2026

ملڪ جي وڏي اداري جي شاگردن پاران پاڪستان سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن جي آفيس جو مشاھداتي دورو

حیدرآباد محبوب حسین بوزدار۔ بیوروسندھاڄ تاريخ…

October 23, 2026

ميڊم عفت قادر ملڪ جي اعزاز ۾ سکر ۾ شاندار الوداعي تقريب . تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش

سکر (رپورٽ عادل خان ) ميڊم…

October 23, 2026

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو ۾ ماهوار کليل ڪچهري، ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌي فوري حل لاءِ هدايتون جاري

دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار علي جتوئي…

October 23, 2026

You Might Also Like

پاڪستانتازھ ترينجنرلدلچسپدنيارانديونسائنس ٽيڪنالاجيشوبزصحيتعلاقائيڪاروبار

ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي فائنل: پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستاني…

1 Min Read
دنيا

نوبيل امن انعام: ٽرمپ جي خواهش پوري ٿيندي يا نه؟

واشنگٽن(خميس: 09 آڪٽوبر 2025ع) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪي پنهنجي سونهن جهڙين ڪاميابين ۽ ملڪيتن لاءِ مشهور آهن،…

3 Min Read
دنيا

بنگلا ديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ لاڏاڻو ڪري وئي

ڍاڪا بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَءَ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.پرڏيهي…

2 Min Read
دنيا

بنگلاديش ۾ پينو فقير جي 21 شادين جي دعويٰ

بنگلاديش ۾ پنڻ ذريعي گذارو ڪندڙ 35 ورهين جو هڪ شخص پنهنجي 21 شادين جي حيران ڪندڙ دعويٰ سبب سماجي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?