سکر (رپورٽ عادل خان ) ميڊم عفت قادر ملڪ جي اعزاز ۾ سکر ۾ شاندار الوداعي تقريب . تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش . ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري سکر ريجن سکر جي ميزبانيءَ ۾ ميڊم عفت قادر ملڪ جي اعزاز ۾ شاندار الوداعي تقريب رائل تاج گريس هوٽل سکر ۾ منعقد ڪئي وئي . تقريب جي صدارت ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ ڪئي، جڏهن ته ميڊم عفت قادر ملڪ خاص مهمان هئي .تقريب جو آرگنائيزر سربراھ جاويد حميد قريشي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ھئا . تقريب ۾ اعزازي مهمانن طور ميڊم فردوس ڦلپوٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سکر ريجن، اشفاق الرحمٰن پٺاڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سکر ريجن، سيد اسرار احمد شاھ ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري، سکر ريجن ۽ غلام مرتضيٰ شاھ , ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري ضلع سکر، شرڪت ڪئي .تقريب ۾ حمادالله حمادي، اورنگزيب محي الدين انڍڙ، حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو، جاويد حميد قريشي، شفقت حسين ڪلوڙ، شاهد حسين راجپوت، طاهر حميد قريشي، ميڊم رخسانه لاشاري، ميڊم ساجده فاروقي، فضل الله، محمد علي انڍڙ، عبدالله انڍڙ، غلام مصطفيٰ چاچڙ، مشتاق احمد شيخ، غلام محمد ڪلهوڙو، ثناءُالله سومرو، سفيع الله سومرو، محمد اشرف جتوئي، مس رابعه چوهان، مس سلمه اسماعيل، ميڊم شهناز، ميڊم ارم پيرزادو، سيد نديم حسين شاھ بخاري، مشتاق علي لنڊ ۽ ٻين تعليمي آفيسرن ۽ استادن شرڪت ڪئي. تقريب دوران تعليمي آفيسرن ۽ استادن پاران ميڊم عفت قادر ملڪ کي گلن جا هار، اجرڪون ۽ ٻيا تحفا پيش ڪري سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. مقررن پنهنجي خطاب ۾ ميڊم عفت قادر ملڪ جي تعليمي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هن پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيتن سان اسڪول جي تعليمي ماحول کي بهتر بڻائڻ، معياري تعليم جي واڌاري ۽ شاگردياڻين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس خدمتون اداري جي تعمير ۽ ترقيءَ سان گڏ شاگردياڻين جي روشن مستقبل لاءِ پڻ يادگار آهن . ان موقعي تي سيد نديم حسين شاھ بخاري ۽ مشتاق علي لنڊ پاران تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي، جيڪا ميڊم عفت قادر ملڪ جي تعليمي خدمتن، اداري جي ترقيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سندس شاندار ڪارڪردگيءَ تي ٻڌل هئي. ڊاڪيومينٽري ذريعي سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن ساراهيو. ميڊم عفت قادر ملڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هوءَ پنهنجي ڪاميابين تي الله تعاليٰ جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ سان سربسجود آهي، جنهن کيس پنهنجي ذميوارين جي ادائيگيءَ ۾ ڪاميابيون عطا ڪيون. هن ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ جا خاص ٿورا مڃيندي چيو ته سندس مانَ ۾ شاندار الوداعي تقريب منعقد ڪري جيڪا محبت، عزت ۽ مانُ ڏنو ويو آهي، اهو سندس لاءِ هميشه يادگار رهندو. ھن چيو ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ سان گڏ سندن بهتر تربيت ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار والدين کان پوءِ استاد جي ڳالھ ۽ رهنمائيءَ کي وڏي اهميت ڏين ٿا. استاد جو معاشري ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، تنهنڪري استادن کي گهرجي ته هو ٻارن جي مسئلن کي سمجهن، انهن جو مناسب حل ڪڍن ۽ شاگردن کي اهڙي نموني تعليم ۽ تربيت ڏين، جو اهي مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ قابل، ذميوار ۽ ڪارائتا شهري ثابت ٿين. ميڊم عفت قادر ملڪ وڌيڪ چيو ته پنهنجي سروس دوران هن پنهنجي سمورين صلاحيتن ۽ دستياب وسيلن کي ڪتب آڻيندي اسڪول جي تعمير، ترقي، تعليمي معيار جي بهتري ۽ شاگردياڻين لاءِ بهتر ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ھن ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ جي تعليمي شعبي جي بهتريءَ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ ادارن جي ترقيءَ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي . ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ميڊم عفت قادر ملڪ جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هن پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪري ٻين لاءِ هڪ مثالي مثال قائم ڪيو آهي. هن اسڪول جي تعمير ۽ ترقيءَ سان گڏ روزمره جي انتظامي معاملن، ننڍن وڏن مسئلن ۽ تعليمي ضرورتن کي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪري اداري جي بهتريءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر حافظ شهاب الدين انڍڙ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته ميڊم عفت قادر ملڪ پنهنجي محنت، ذميواريءَ جي احساس ۽ بهتر انتظامي صلاحيتن ذريعي معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي ڪوششون ڪيون. سندس خدمتون ٻين تعليمي ادارن جي سربراهن ۽ استادن لاءِ پڻ رهنمائيءَ جو ذريعو آهن. ھن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن جي ترقي، شاگردن جي بهتر تربيت ۽ معياري تعليم جي فراهميءَ لاءِ استادن ۽ تعليمي آفيسرن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هڪ ذميوار استاد ۽ هڪ بهتر تعليمي منتظم ئي معاشري جي تعمير ۽ ملڪ جي روشن مستقبل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ميڊم عفت قادر ملڪ جي تعليمي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سندس مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو .
