حیدرآباد محبوب حسین بوزدار۔ بیوروسندھ
اڄ تاريخ 21 آڪٽوبر تي شھيد ڀٽو سان منسوب ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي حيدرآباد جيZABIST ڪمپيوٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شاگردن جي ٻن ٽيمن پاران پاڪستان سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن رجسٽرڊ حيدرآباد سنڌ جي مرڪزي آفيس “ڊي سينٽر” جو خصوصي دؤرو ڪيو. ھن وفد جو دلي طور احترام ڪندي ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري نزاڪت علي فاضلاڻي کين خوش آمديد well come ڪيو. زيبسٽ اداري جي شاگردن جو ھي وفد جيڪو ٻن گروپن تي مشتمل ھو. تن کي مسٽر نزاڪت علي فاضلاڻي طرفان ايسوسيئيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان بعد ھنن پاران جنرل سيڪريٽري سان سندن دورو ڪرڻ جي مقصدن تي ڳالھيون ڪيون ويون. جنھن ۾، ٻڌايو ويو ته، کين سينيئر سٽيزن لاءِ فزيو ٿراپي جي پراجيڪٽ مليو آهي، ان لاء اسان کي سھوليتون ڏيڻ سميت تعاون ڪيو وڃي. جنھن تي جنرل سيڪريٽري کين پنھنجي صدر ۽ عھديدارن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاء وقت گھريو . جيئن سمورا معاملا آساني سان طئي ڪري ڪيمپ جا شاندار انتظام ڪيا وڃن.
وفد طرفان خاطري ڪرائي وئي آهي ته هو ڊي سينٽر ۾ هڪ روزہ مفت فزيوٿراپي ڪيمپ لڳائيندا، جنهن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
جڏھن ته ٻي ٽيم خاطري ڪرائي آهي ته هو ساڳئي ڏينهن رفريشمينيٽ، وغيرہ جو بندوبست پاڻ ڪندا.
ھن ڏس ۾ پاڪستان سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن جا اهي سمورا ميمبر جن کي فزيوٿراپي جي ضرورت آهي، انهن کي هن هڪ روزہ ڪيمپ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.
آخر ۾ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين عھديدارن طرفان زيبسٽ وفد جي خاطر تواضع ڪرڻ سان گڏ سندن آمد تي شڪريو ادا ڪيو ويو.
ايسوسيئيشن جي سمورن ميمبرن کي خوش ٿيڻ گھرجي ته سندن ساٿي عھديدار فلاحي ڪمن لاء ايسوسيئيشن جي پروگرام کي ٻين سازشي سرگرمين کان عملي ڪم کي اوليت ڏين ٿا.
