حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي بدين ۾ يتيم ۽ مستحق ٻارن جي ڪفالت، تعليم ۽ تربيت لاءِ قائم فلاحي اداري اعتماد هوم جو دورو ڪيو ۽ ٻارن کي فراهم ڪيل تعليمي ۽ رهائشي سهولتن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي پڻ ڪمشنر حيدرآباد سان گڏ هو. ڪمشنر اداري جي مختلف ڪلاس رومن ۽ رهائشي حصن جو دورو ڪيو، ٻارن ۽ استادن سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي مجموعي انتظامن ۽ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪمشنر فياض حسين عباسي اڳوڻي انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ويزن ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سندس ذاتي دلچسپي، لگن ۽ عزم جي نتيجي ۾ بدين ۾ يتيم ٻارن لاءِ هڪ معياري فلاحي ۽ تعليمي اداري جو قيام ممڪن ٿيو.
ڪمشنر ٻارن جي بهترين سارسنڀال، معياري تعليم، اخلاقي تربيت ۽ نظم و ضبط لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهڙن ٻارن کي ڪڏهن به محرومي يا معاشري کان الڳ هجڻ جو احساس نه ٿيڻ گهرجي. کين زندگي ۾ اڳتي وڌڻ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ معاشري جا بااعتماد ۽ ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
هن چيو ته هر ٻار جي محفوظ، باوقار ۽ بهتر مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، فلاحي تنظيمن ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
