سکر (رپورٽ عادل خان) سنڌ جی راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي اهتمام هيٺ پاڪستان بيڊمنٽن فيڊريشن، سنڌ بيڊمنٽن ايسوسيئيشن ۽ سکر ڊويزن بيڊمنٽن ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان سنڌ اسپورٽس ڪلب سکر ۾ پنج ڏينهن تائين جاري رهندڙ نيشنل جونيئر بوائز اينڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپئن شپ 2026ع ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي، چيمپئن شپ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان 200 کان وڌيڪ رانديگرن شرڪت ڪئي ۽ مختلف عمرين جي گروپس ۾ پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. چيمپئن شپ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، اسلام آباد، آزاد ڪشمير، پاڪستان آرمي، واپڊا ۽ سوئي ناردرن گيس پائيپ لائينز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي ٽيمن حصو ورتو، 12 کان 21 سالن تائين جي رانديگرن جي وچ ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ دلچسپ مقابلا ٿيا، جن ۾ پنجاب، پاڪستان آرمي ۽ ايس اين جي پي ايل جا رانديگر نمايان رهيا.
پڄاڻي واري تقريب جا خاص مھمان ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان هئا، جن چيمپئن شپ جي ڪامياب انعقاد کي سکر لاءِ اعزاز قرار ڏنو. تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سکر بشريٰ منصور، ٽائون چيئرمين چڪ ڊاڪٽر نويد مهر، ميونسپل ڪمشنر سکر ميونسپل ڪارپوريشن خالد حسين جتوئي، جيئي شاهه ٽائون جي چيئرمين عزيز الله مغل، يو سي چيئرمين احسان لاشاري ۽ اظهر اعواڻ، چيمبر آف ڪامرس جي وائيس پريزيڊنٽ شهزاد شھواڻي سميت راندين، ميڊيا، سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.
فائنل مقابلن ۾ پنجاب پنج ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيا، جڏهن ته پاڪستان آرمي ۽ ايس اين جي پي ايل چار، چار ٽائيٽل حاصل ڪيا، اسلام آباد ٻه ۽ واپڊا هڪ ٽائيٽل کٽيو، جڏهن ته انڊر 15 بوائز سنگلز ۾ اسلام آباد جي محمد ريحان ۽ گرلز سنگلز ۾ زليخا فدا ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته انڊر 17 بوائز سنگلز ۾ واپڊا جي عبدالحسيب ۽ گرلز سنگلز ۾ پاڪستان آرمي جي ثروت فاطمہ فاتح رهي.
اھڙي ريت انڊر 19 مين سنگلز ۾ پنجاب جي محمد سليمان ۽ وومين سنگلز ۾ حمنہ ارشاد ٽائيٽل کٽيا، انڊر 21 مين سنگلز ۾ ايس اين جي پي ايل جي محمد زيد ۽ وومن سنگلز ۾ پاڪستان آرمي جي عماره اشتياق ڪاميابي حاصل ڪئي، ڄاڻايل رانديگرن سميت ڪيترن ئي نمايان رانديگرن سنگلز ۽ ڊبلز مقابلن ۾ پڻ بھتر راند جو مظاهرو ڪيو.
اھڙي طرح ڊبلز مقابلن ۾ انڊر 19 مين ڊبلز جو ٽائيٽل ايس اين جي پي ايل جي محمد عمر ۽ پنجاب جي محمد سليمان حاصل ڪيو، جڏهن ته انڊر 19 وومين ڊبلز ۾ پاڪستان آرمي جي ثروت فاطمه ۽ پنجاب جي حمنہ ارشاد فاتح رهيون. انڊر 21 مين ڊبلز ۾ ايس اين جي پي ايل جي محمد زيد ۽ نجم الثاقب ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته انڊر 21 وومين ڊبلز ۾ پاڪستان آرمي جي عماره اشتياق ۽ پنجاب جي طيبه شفيق ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
چيمپئن شپ جو هڪ نمايان پهلو انڊر 15 ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد جي رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي رهي، جتي بوائز ۽ گرلز سنگلز ٻئي ٽائيٽل اسلام آباد جي حصي ۾ آيا. واپڊا ۽ بلوچستان جي رانديگرن پڻ مختلف مقابلن ۾ عمدي راند جو مظاهرو ڪندي فائنل مرحلي تائين رسائي حاصل ڪئي. هن موقعي تي مهمانن چيمپئن شپ جي ڪامياب انعقاد تي صدر سکر ڊويزن بيڊمنٽن ايسوسيئيشن بابر علي بلو، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر اخلاق ميمڻ ۽ صدر سنڌ بيڊمنٽن ايسوسيئيشن فرحان لاشاري جي ڪوششن کي ساراهيو. تقريب جي آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان ۽ ٻين فاتح رانديگرن ۾ ٽرافيون، تعريفي سندون ۽ نقد انعام ورهايا.#
