لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پيپلز ڊيف اينڊ ڊمب يونٽ آرگنائيزيشن جي سڏ تي گونگن ۽ ٻوڙن طرفان پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ اڳواڻن فدا حسين بڙدي، فياض احمد کهڙو، آصف علي سومرو، فرمان سولنگي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪري هٿن ۾ بئنر ۽ جهنڊا کڻي اشارن جي ذريعي وس وارن کي اپيل ڪندا رهيا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پنهنجي پريس پڌرائي ۾ چيو ته اسان جي تنظيم 2011ع کان وٺي گونگن ۽ ٻوڙن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، افسوس آهي جو سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت طرفان 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي ڪري هن وقت نه صرف سنڌ پر ٻين صوبن ۾ ڪيترائي گونگا ۽ ٻوڙا بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان سميت ٻيا گونگا ۽ ٻوڙها تعليم يافته هئڻ سان گڏ هنرمند پڻ آهن پر ان جي باوجود کين پنهنجي جائز حقن ۽ مراعتن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن ڪري اسان ريلي ڪڍي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد دعا گهري، جنهن بعد نئون ديرو هائوس جي انتظاميه کي گذارش ڪئي ته اسان جي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪرائي وڃي ته جيئن اسان کين پنهنجا مسئلا لکت ۾ ڏئي سگهون پر هن وقت تائين اسان جي ملاقات نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ضلعي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندي سار لڌي آهي جنهن ڪري اسين مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ڪرائي گونگن ۽ ٻوڙن جي مالي سهائتا ڪري معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ سان گڏ قانون موجب مراعتون ڏئي جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.
گونگا ۽ ٻوڙها تعليم يافته هئڻ سان گڏ هنرمند پڻ آهن ،اڳواڻن فدا حسين بڙدي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
