بدين ڊ ر محفوظ شاه
بدين تعليم کاتي جون دعوائون وائکيون، بدين جي ڳوٺ محمد خان جروار ۾ گرلز مڊل اسڪول زبون حالي جو شڪار، شاگردياڻين جون زندگيون خطري ۾، تعليم متاثر ٿيڻ جو خدشو
ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي، يوسي ٻڊو قمبراڻي جي ڳوٺ محمد خان جروار ۾ قائم گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار بڻيل آهي، جتي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل هجڻ سبب اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻين جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن، جڏهن ته والدين ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي.
ذريعن موجب، اسڪول جي عمارت ڪافي عرصي کان مرمت کان محروم آهي، جنهن سبب عمارت جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ مختلف وقتن تي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ جا واقعا پيش ايندا رهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ شاگردياڻين جي حفاظت ۽ تعليم بابت ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪول جي مرمت لاءِ مختلف وقتن تي لاڳاپيل اعليٰ عملدارن کي آگاهه پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته بايوميٽرڪ جي سلسلي ۾ ايندڙ عملدارن طرفان ڪيترائي ڀيرا اسڪول جون تصويرون پڻ ورتيون ويون، پر ان باوجود اڃا تائين عمارت جي مرمت لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نظر ناهن آيا.
آخر تعليم کاتي جا ذميوار عملدار ڪڏهن جاڳندا؟
هڪ طرف حڪومت پاران تعليم جي بهتري ۽ تعليمي ادارن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون، ته ٻئي طرف ڳوٺ محمد خان جروار جي نياڻين کي اهڙي زبون حال عمارت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور هجڻ بابت شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن. جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو.
ڳوٺاڻن ۽ شاگردياڻين جي والدين لاڳاپيل اختيارين، ضلعي انتظاميا ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي عمارت جو فوري معائنو ڪرائي، هنگامي بنيادن تي مرمت جو ڪم شروع ڪيو وڃي، جيئن شاگردياڻين جون قيمتي زندگيون محفوظ بڻائي سندن تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگهجي.
