بدين: ڊ ر محفوظ شاه
بدين ڳوٺ الله يار کوسو جي گرلس پرائمري اسڪول جي بايوميٽرڪ بند، تعليم کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي سوال
بدين: تعلقي تلھار جي يو سي مير صاحب خان ٽالپر جي ڳوٺ الله يار کوسو ۾ قائم گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول جي بايوميٽرڪ سسٽم بند هجڻ بابت ڳڻتي ظاهر اسڪول ۾ استادن جي حاضريءَ واري نظام بابت سوال پيدا ٿي رهيا آهن.
سرڪاري دستاويزن موجب، ضلعي تعليم آفيسر پرائمري بدين جي آفيس ۾ 14 مئي 2026ع تي ٿيل اجلاس ۾ اسڪول کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. گڏيل تصديق واري فارم ۾ اسڪول جي عمارت جي حالت کي خطرناڪ ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته داخلا جي رڪارڊ ۾ 31 شاگردياڻيون ڄاڻايل آهن.
سوال اهو آهي ته جڏهن اسڪول جي عمارت جي حالت خراب آهي ۽ بايوميٽرڪ سسٽم به بند هجڻ جي شڪايت آهي، ته پوءِ شاگردياڻين جي تعليم ۽ استادن جي حاضريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟
تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين، ضلعي تعليم آفيسر بدين ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته اسڪول جي بايوميٽرڪ سسٽم بند هجڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي، حاضريءَ جو نظام بحال ڪيو وڃي ۽ اسڪول جي عمارت جي مرمت سميت شاگردياڻين کي محفوظ تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن
