لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)-لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سڄي ملڪ ۽ دنيا جي ٻين حصن وانگر پوليو جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ڪئي. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو، ڊسٽرڪٽ مينجر پي پي ايڇ آءِ فھد حسين جاگيراڻي پوليو آپريشن سينٽر ٽيم، اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي، لوڪل ڪميونٽي ممبرس ،ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن؛ ليڊي هيلٿ ورڪرن، فرنٽ لائن ورڪرن ۽ صحت توڙي تعليم کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ وبائي بيماري آهي، جيڪا وائرس ذريعي پکڙجي ٿي ۽ ٻارن کي سڄي عمر لاءِ معذور بڻائي سگهي ٿي. هنن چيو ته پوليو کان بچاءَ جو مؤثر ذريعو پوليو جا ڦڙا آهن، تنهنڪري والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي پنجن سالن تائين جي سمورن ٻارن کي هر پوليو مهم دوران ڦڙا ضرور پيارين.
لاڙڪاڻي ۾ پوليو جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو آگاهي واڪ، فرنٽ لائن ورڪرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
