جيڪب آباد(رپورٽ عامرجان) جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي مجلسِ شوريٰ ۽ عامله جو اهم اجلاس اميرِ جمعيت يو سي مبارڪپور حضرت مولانا مفتي عبدالسلام ڀٽو صاحب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ جماعت جي تنظيمي معاملن، مستقبل جي حڪمت عملي ۽ علائقي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ايندڙ عالمي امن ڪانفرنس جي تيارين کي مؤثر ۽ منظم انداز ۾ اڳتي وڌائڻ، حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قرباني ڏيڻ ۽ قائدِ جمعيت حضرت مولانا فضل الرحمٰن صاحب جي بيانئي جو ڀرپور دفاع ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته قائدِ جمعيت جو بيانيو ئي جماعت جي ڪارڪنن جو بيانيو آهي ۽ جماعت ان جي حمايت جاري رکندي.
اجلاس ۾ تعلقي ٺل ۽ ضلعي جيڪب آباد جي جماعتي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي جمعيت علماءِ اسلام جي تنظيمي نظام کي وڌيڪ مضبوط، مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو ويو.
ان موقعي تي مبارڪپور ۾ وڌندڙ سماجي براين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪيو ويو ته انهن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، جيئن علائقي ۾ امن امان، اخلاقي قدرن ۽ صحتمند معاشرتي ماحول کي هٿي ملي سگهي.
اجلاس ۾ حضرت مولانا رشيد احمد ڀٽو صاحب، حضرت مولانا عبدالواحد مستوئي صاحب، جناب ڪرم الله مهر صاحب، حضرت مولوي ارشاد احمد مهر صاحب، حضرت مولانا ڪرم الله ڀٽو صاحب، حضرت مولانا ڪفايت الله ڀٽو صاحب، حافظ قائم ڀٽو صاحب ۽ ٻين ذميوارن توڙي ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس جي پڄاڻي جماعت اندر اتحاد ۽ اتفاق، تنظيمي استحڪام ۽ ديني توڙي قومي مقصدن لاءِ ڀرپور جدوجهد جاري رکڻ واري عزم سان ڪئي وئي.
