حيدرآباد (محبوب حسين. بوزدار. )ٽنڊوالهيار جي سب رجسٽرار آفيس ۾ سب رجسٽرار جي اهم سرڪاري پوسٽ ڪافي عرصي کان خالي هجڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن، جنهن سبب شهرين کي رجسٽري، زمينن جي دستاويزن ۽ ٻين قانوني ڪمن جي سلسلي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.آخر سوال اهو آهي ته ضلعي جي هڪ اهم سرڪاريn آفيس ۾ ايتري عرصي تائين اهم عهدي تي مقرري ڇو نه ٿي سگهي آهي؟
سنڌ حڪومت، بورڊ آف روينيو سنڌ جي سينيئر عملدارن، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار کي اپيل آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي:1. سب رجسٽرار جي پوسٽ خالي هجڻ بابت سرڪاري صورتحال واضح ڪئي وڃي.2. جيڪڏهن پوسٽ خالي آهي ته مستقل مقرري لاءِ قدم کنيا وڃن.3. مقرري تائين عوامي سهولتن لاءِ متبادل انتظام ڪيو وڃي.4. شهرين کي رجسٽري ۽ قانوني دستاويزن جي ڪمن ۾ غيرضروري پريشانين کان بچايو وڃي.
ٽنڊوالهيار ۾ سب رجسٽرار جي اهم پوسٽ ڪافي عرصي کان خالي هجڻ جا اطلاع، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو!
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
