دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر: مختيار علي جتوئي)
دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائٽي پاران ميمبرسازي مهم دوران تنظيم ۾ شامل ٿيندڙ نون ميمبرن جي آجيان، تعارف ۽ تنظيمي بريفنگ لاءِ اهم اجلاس 8 نومبر 2026ع، بروز آچر، مرڪزي آفيس دادو ۾ منعقد ڪيو ويندو.اجلاس جي صدارت تنظيم جو مرڪزي چيئرمين غلام مصطفىٰ جانوري ڪندو. اجلاس ۾ دادو تعلقي ۽ شهر کي درپيش بنيادي عوامي مسئلن، انهن جي حل لاءِ حڪمت عملي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويندو.
ان موقعي تي تنظيم ۾ شامل ٿيندڙ نون ميمبرن جو هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته کين تنظيم جي مقصدن، منشور، اصولن، ذميوارين ۽ سماجي خدمتن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني ويندي.
تنظيم جي مرڪزي قيادت پاران اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته نون ميمبرن جي شموليت سان عوامي مسئلن جي حل ۽ سماجي ڀلائي واري جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي ٿو
دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائٽي جي نون ميمبرن جي تعارفي ۽ تنظيمي اجلاس 8 نومبر تي طلب
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
