دادو( ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار عليجتوئي)دادو ٻن عادي ڏوهارين ڏوهن جي دنيا کي خيرباد چئي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏياايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پاران ڏوهارين خلاف ڪارواين جي سخت هدايتن ۽ پرامن معاشري جي قيام واري پاليسي جي نتيجي ۾ اهم اڳڀرائيڪيترين ئي وارداتن ۾ اڳ چالان ٿيل ٻن ڏوھارين غلام مرتضيٰ جمالي ۽ عبدالله قمبراڻي ڏوهن جي دنيا کي خيرباد چئي ڇڏيوٻنهي جوابدارن ڦلجي وليج ٿاڻي جي ايس ايڇ او جهانگير چانڊيو آڏو پيش ٿي آئينده ڪنهن به ڏوھ ۾ ملوث نه ٿيڻ جو تحريري حلف نامو ڏنوپيش ٿيندڙن ۾:مرتضيٰ جمالي – جنهن خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 26 ڪيس داخل هئا جڏھن تہ عبدالله قمبراڻي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 23 ڪيس داخل ھئاٻنهي ڄڻن ساک ڏيندي پنهنجن بيانن ۾ پوليس کي يقين ڏياريو ته هو آئينده پرامن شهري جي حيثيت سان زندگي گذاريندا ۽ ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث نه ٿيندا.ان موقعي تي ايس ايس پي دادو چيو ته جيڪو به ڏوهن جي دنيا کي ڇڏي پرامن زندگي گذارڻ چاهي ٿو، پوليس ان سان تعاون ڪندي، جڏهن ته ايڪٽو ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪاروايون ساڳي طرح جاري رهنديون.
دادو: ٻن عادي ڏوهارين ڏوهن جي دنيا کي خيرباد چئي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
